Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ  سچي  نيت جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين  نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي، اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * خوب توجھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ  ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

اڳوڻين اُمّتن ۾ هڪ نيڪ بزرگ گذريو آهي، جنهن جو نالو شَمۡعُون هو۔ حضرت شَمۡعُون رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام گھڻو نيڪ، پرهيز گار ۽ طاقتور هو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو معمول هو ته روزانو رات  جو عبادت ڪندا هئا، ڏينهن جو روزو رکندا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ ڪافِرن سان جهاد به ڪندا هئا۔

حضرت شَمۡعُون رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 1 هزار مهينا اهڙي طرح گذاريا، آخرڪار هڪ ڀيري بدبخت ڪافرن ڌوڪي سان پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انتهائي بي دردي ۽ سفّاڪي سان سندن نڪ، ڪن ڪپي ڇڏيا ۽ اکيون ڪڍي ڇڏيون، ان وقت ان ولي ڪامِل جي بيڪسي تي رَبُّ العِزَّت جي غيرت کي جوش آيو، پوءِ يڪدم ڪافرن تي الله پاڪ جو قَهر نازل  ٿيو ۽ اهي سڀئي زمين ۾ دٻجي ويا۔([2])

تفسيرِ عزيزي ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن حضرت شمعون رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عبادتن ۽ تڪليفن وغيره بابت ٻڌايو ته صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي حضرت شمعون رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي تمام گھڻو رشڪ آيو ۽ ماه نبوت، آقاءِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ بابرڪت ۾ عرض گذار ٿيا: يا


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔

[2]... مکاشفۃ القلوب، باب فضل لیلۃ القدر، صفحہ:460 ماخوذاً۔