Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

الله پاڪ اسان کي به قرآن پاڪ جي خُوب تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اَعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! عِبَادت جو ذوق ۽ شوق وڌائڻ، عبادت جي لذّت واري نعمت ماڻڻ  ۽ اولياءِ ڪرام جي محبت دِل ۾ اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حِصو وٺو! هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! دين و دُنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: نيڪ اعمال

الْحَمْدُ لِله! شيخِ طريقت اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه نه صرف پنهنجي مُريدن کي بلڪه سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي، اسلامي ڀينرن کي، جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه ۾ پڙھڻ وارن ۽ وارين کي، اسپيشل پرسنز (يعني گونگن، ٻوڙن ۽ نابينن) کي، حج ۽ عمره جي سعادت ماڻڻ وارن خوش نصيبن کي، ايستائين جو جيل جي قيدين کي پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بهترين نسخو ڏنو آهي ۽ اهو آهي: رسالو نيڪ اَعْمَال۔ اوهان به جيبي سائز جو هي مختصر رِسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪريو، هن کي پڙھو، هن جي مُطَابق زِندگي گذاريو ۽ روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺو۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دِل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار اُجري صاف ۽ سٿرو ٿي خوب صُورت ٿي ويندو۔

مدني بهار

ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: علائقي