Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
جهنّم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارا عملَ
اي عاشقانِ رسول! يقيناً جهنّم جا عذاب برداشت ڪرڻ اسان مان ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي۔ اڃا اسان زِندھ آهيون، اسان جا پساھ هلي رهيا آهن، اڃا موقعو آهي، اچو! نيڪ ڪم ڪريون، جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارا، الله ۽ رسول جي رضا ڏيارڻ وارا ڪم ڪريون۔
اچو! جهنّم کان نجات ڏياريندڙ ڪجھ عمل هن نيت سان ٻڌون ٿا ته انهن کي باقاعده پنهنجي زِندگي جو حِصو بڻائينداسين۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم!
(1):جهنّم کان ڇوٽڪاري جي دُعا گھرو!
جهنّم کان بچڻ ۽ ڇوٽڪارو ماڻڻ جي لاءِ پهريون عَمَل ته هي آهي ته جهنّم کان بچڻ جي لاءِ الله پاڪ کان دُعا گُھرجي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو الله کان 3 ڀيرا جنّت گُھري ته جنّت چوندي آهي: اِلٰهي! هن کي جنّت ۾ داخِل فرماءِ ۽ جيڪو 3 ڀيرا جهنّم کان پناھ گھري ته جهنّم چوندو آهي: اِلٰهي! هن کي باھ مان امان ڏئي ڇڏ۔([1])
حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪو روزانو صبح ۽ شام يا ڏينهن ۾ ڪنهن وقت يا سڄي عمر ۾ ڪنهن وقت ٽي ڀيرا هي چوي: اللّٰھُمَّ اَدْخِلْنِي الْجَنَّۃَ (اِلٰهي! مون کي جنّت ۾ داخِل فرماءِ) ۽ ٽي ڀيرا هي چوي: اَللّٰھُمَّ اَجِرْنِي مِنَ النَّارِ (يا الله! مون کي جهنّم کان بچاءِ) ته خود جنّت ان جي لاءِ داخلي جي دعا ڪندي ۽ خود دوزخ ان جي لاءِ پناھ گھرندو۔([2])
جهنّم کان پناھ هن لفظن ۾ به گھري سگھو ٿا: يا الله! مون کي جهنّم کان بچاءِ!