Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي، سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻن قسمن جي اکين کي جهنّم جي باھ نه ڇهندي: (1): اها اک جيڪا رات جي ڪنهن حِصّي ۾ الله پاڪ جي خوف سبب روئي (2): ۽ ٻئي اها اک جيڪا الله پاڪ جي راھ ۾ پهرو ڏيندي رات گذاري۔([1])
حضرت نضر بن سعد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن جي اک مان خوفِ خُدا سبب لڙڪ نڪرن ته الله پاڪ ان جي چهري کي جهنّم تي حرام فرمائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اهي لڙڪ ان جي رُخسَار تائين وهن ته قيامت جي ڏينهن هو ذِلّت کان محفوظ رهندو، جيڪڏهن ڪو ڪجھ ماڻهن جي وچ ۾ خوفِ خُدا جي سبب روئي ته الله پاڪ ان جي برڪت سان باقي ماڻهن تي به رحم فرمائيندو آهي۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: لڙڪن کان علاوه هر عَمَل جو وزن ڪيو ويندو جڏهن ته لڙڪن جو هڪ قطرو باھ جي سمنڊن کي وسائي ڇڏيندو۔([2])
مرے اشک بہتے رہیں کاش ہر دم ترے خوف سے یا خدا یا الٰہی
ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھر تھر رہوں کانپتا یا الٰہی([3])
خوفِ خُدا سان روئڻ جي عادَت ڪيئن بڻايون؟
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو خوفِ خُدا جي سبب روئڻ جهنّم کان بچائڻ وارو عمل آهي، ڪاش! اسان کي خالِص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ خوفِ خُدا جي سبب روئڻ نصيب ٿئي۔
روزانو اڪيلائي ۾ بلڪه ٿي سگھي ته قبرستان وڃي اکيون بند ڪري ويهي رهون، پنهنجي ڪمزوري ۽ هيڻائپ جو تَصَوُّر ڪري، پنهنجي گُنَاهن کي