Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
تقويٰ گُنَاهن کان بچڻ جو نالو آهي، حضرت سهل بن عبد الله تستري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو شخص چاهي ٿو ته ان جي تقويٰ درست ٿي وڃي، اهو تمام گُنَاهن کي ڇڏي ڏي۔([1])
اي عاشقانِ رسول! تقويٰ وارا يعني گُنَاهن کان بچڻ وارا قيامت جي ڏينهن نجات ماڻڻ وارا هوندا، اسان کي گھرجي ته اسان به تقويٰ اختيار ڪريون، گُنَاهن کان بچون، هرگز نماز قضا نه ٿيڻ ڏيون، روزا به پُورا رکون، زڪوٰة به پُوري ڏيون، فلمون ڊراما، بي پردگي وغيره وغيره گُنَاهن کان بچندا رهياسين ته اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! دُنياوي زندگي به سٺي گذرندي ۽ آخرت ۾ به نجات جي خيرات نصيب ٿي ويندي۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم!
گناہوں سے مجھ کو بچا یا الہٰی! بُری خصلتیں بھی چُھڑا یا الہٰی!
خطاؤں کو میری مِٹا یا الہٰی! مجھے نیک خصلت بنا یا الہٰی!
تجھے واسطہ سارے نبیوں کا مولا مِری بخش دے ہر خطا یا الہٰی! ([2])
(3): خوفِ خُدا سبب لُڙڪ وهايو!
هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مان ڪهڙي شيء جي ذريعي جهنّم کان نجات ماڻي سگھان ٿو؟ رسولِ رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: پنهنجي اکين جي لڙڪن جي ذريعي۔ عرض ڪيائين: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: خوفِ خُدا سبب رُئو! ڇو ته جيڪا اک الله پاڪ جي خوف سبب روئي، ان کي جهنّم جو عذاب نه ٿيندو۔([3])
یا رب میں تیرے خوف سے روتا رہوں ہر دم دیوانہ شہنشاہِ مدینہ کا بنا دے