Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن پنج ئي نمازن جي اذان ايمان جي بنياد تي ثواب جي نيت سان چئي ان جا جيڪي گناھ پهريان ٿيا آهن اهي مُعاف ٿي ويندا۔([1])
(5): باجماعت نماز جو اهتمام ڪريو
صحابيء رسول، حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، تاجدارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ 40 ڏينهن تڪبيرِ اوليٰ سان باجماعت نماز پڙھي، ان جي لاءِ 2 آزاديون لکيون وينديون: (1): هڪ آزادي نار (يعني جهنّم) کان ۽ (2): ٻئي آزادي نفاق کان۔ ([2])
میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت ہو توفیق ایسی عطا یا الٰہی!
میں پڑھتا رہوں سنتیں، وقت ہی پر ہوں سارے نوافِل ادا یا الٰہی!
دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت رہوں باوُضو میں سدا یا الٰہی([3])
فرمانِ آخري نبي ، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪو اربع ۽ خميس جو روزو رکي، ان جي لاءِ جهنّم کان آزادي لکي ويندي آهي۔([4]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن رمضان ۽ شوّال جا روزا رکيا، اهڙي طرح جنهن اربع ۽ خميس جو روزو رکيو، اهو جنّت ۾ داخِل ٿيندو۔([5])
الله پاڪ اسان کي به نفلي روزي رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم