Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
(7):مسلمان ڀاءُ جي حاجت پُوري ڪرڻ
حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي، حضورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي حاجت پُوري ڪرڻ جي لاءِ هلي ۽ ان سان همدردي ڪري ته الله پاڪ ان جي ۽ جهنّم جي وچ ۾ 7 خندقون بڻائي ڇڏيندو، ان ۾ هر خندق (کاهي) جو ٻئي خندق کان ايترو مفاصلو هوندو، جيترو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ آهي۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته اسان جهنّم کان بچڻ ۽ جنّت ۾ وڃڻ جي لاءِ پنهنجي مسلمان ڀائرن سان همدردي ڪريون، انهن جي ڪم اچون، ڪنهن کي قرض جي ضرورت هجي ته وس آهر قرض ڏيون، غريبن تي خرچ ڪريون، بکايلن کي کاڌو کارايون، اهڙي طرح عزيز رشتيدارن جي به ڪم اچون، پاڙيسرين جي به ڪم اچون، دوستن جي به ڪم اچون، مطلب ته جنهن مسلمان جي جيڪا به جائِز حاجت هجي، اسان پنهنجي طاقت جي مطابق صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ان جي مدد ڪريون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! الله پاڪ جهنّم کان بچائي جنّت ۾ داخلو نصيب فرمائيندو۔
حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي حاجت پُوري ڪري، مان قيامت جي ڏينهن ان جي ميزان وٽ بيٺل هوندس، جيڪڏهن ان جي نيڪي وارو پلڙو ڳرو رهيو ته ٺيڪ، نه ته مان ان جي شفاعت ڪندس۔([2])
شَفاعت حشر میں فرماؤ گے جب خوش نصیبوں کی مجھے کر لینا آقا اُن میں شامل یا رسولَ اللہ