Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ فرمايو: پوءِ جهنمي چوندا پنهنجي ربّ کي پڪاريو ته توهان جي ربّ کان سواءِ ڪو خير وارو نه آهي۔ هاڻي جهنّم وارا پنهنجي رَبّ کي پُڪاريندا:
قَالُوْا رَبَّنَا غَلَبَتْ عَلَیْنَا شِقْوَتُنَا وَ كُنَّا قَوْمًا ضَآلِّیْنَ(۱۰۶) رَبَّنَاۤ اَخْرِجْنَا مِنْهَا فَاِنْ عُدْنَا فَاِنَّا ظٰلِمُوْنَ(۱۰۷)
(پاره:18، سورۂ مؤمنون:106 تا 107)
ترجمو ڪنز العرفان: اهي چوندا: اي اسان جا رب! اسان تي اسان جي بدبختي غالب آئي ۽ اسان گمراھ ماڻهو هئاسين. اي اسان جا ربّ! اسان کي دوزخ مان ڪڍ پوءِ جيڪڏهن اسان ايئن ئي ڪيون ته بيشڪ اسان ظالم هونداسين.
هن تي الله پاڪ ارشاد فرمائيندو:
قَالَ اخْسَــٴُـوْا فِیْهَا وَ لَا تُكَلِّمُوْنِ(۱۰۸) (پاره:18، سورۂ مؤمنون: 108)
ترجموڪنزالعرفان: الله فرمائيندو: تڙيل جهنم ۾ پيا هجو ۽ مون سان نه ڳالهايو.
پوءِ فرمايائون: ان وقت اهي هر ڀلائي کان مايوس ٿي ويندا، رڙيون ڪندا ۽ حسرت ۽ دانهون ڪندا۔([1])
حُجَّة الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهنّم جي عذابن جو نقشو ڇڪيندي لکن ٿا: جهنمين کي جهنم ۾ ڪيرائي اهڙي گھر ۾ قيد ڪندا جو جنهن جا ڪنارا تنگ هوندا ۽ رستا اونداھي وارا هوندا ۽ ان جھنم ۾ هلاڪت جا سبب هوندا، افسوس! جھنم ۾ ڀاھ ڀڙڪائي ويندي، جھنم وارن کي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ڏنو ويندو ۽ عذاب جا ملائڪ انهن کي گُرزن سان ماريندا جهنمين جا پير پيشاني جي وارن سان ٻڌيا ويندا ۽ گناهن جي ڪاراڻ سان انهن