Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

جبل زمين ۾ دٻجي ويندا

هڪ ڀيري حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، سندن رنگ بدليل هو، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: جبريل! ڇا ڳالھ آهي؟ مان اوهان جو رنگ بدليل ڏسي رهيو آهيان، حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هن وقت الله پاڪ جهنّم کي ڀڙڪائڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ رسولِ خُدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جبريل! مون کي جهنّم جي باري ۾ ٻڌايو! حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ جهنّم کي حڪم ڏنو ته ان جي باھ 1 هزار سال تائين ڀڙڪائي وئي ايستائين جو اها سفيد ٿي وئي، پوءِ ان کي 1 هزار سال تائين ڀڙڪايو ويو، ايستائين جو اها سرخ ٿي وئي، پوءِ ان کي 1 هزار سال تائين ڀڙڪايو ويو، ايستائين جو اها بلڪل سياھ ٿي وئي، هاڻي جهنّم جي باھ بلڪل سياھ آهي، نه ان ۾ چنگاري روشن ٿئي ٿي، نه ان جو ڀڙڪڻ ختم ٿئي ٿو، نه ئي ان جا شعلا وسامجن ٿا۔ ان ذات جو قسم! جنهن اوهان کي سچو نبي بڻائي موڪليو، جيڪڏهن جَهنَّم کي سُوئيءَ جي سوراخ بَرابَر کوليو وڃي ته تمام زمين وارا مري وڃن ۽ ان ذات جو قسم! جنهن اوهان کي حق سان گڏ موڪليو آهي! جيڪڏهن جهنمين جي زَنجير جي هڪ ڪڙي دُنيا جي جبلن تي رکي وڃي ته اهي ذرو ذرو ٿي زَمين ۾ دٻجي وڃن۔ ([1])

خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو       خاکِ طیبہ کا واسطہ یا رب

میرا نازُک بَدن جہنَّم سے         از طفیلِ رضا بچا یا رب

جهنّم جا نانگ ۽ وڇون

الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جهنم ۾ ڪجھ نانگ آهن، جيڪي بُختي اُٺ جي گردن جهڙا آهن (يعني ٿلها ۽ ڊگھا آهن) انهن


 

 



[1]... معجم الاوسط، جلد:2، صفحہ:78، حدیث:2583۔