Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
جهنّم کان بچڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪريو!
الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنّت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپُور ڪوشش ڪريو ۽ پُوري ڪوشش سان جهنّم کان پري ڀڄو...! بيشڪ جنّت جو طلب گار ڪڏهن غافِل ناهي ٿيندو، بيشڪ جهنّم کان ڀڄڻ وارو ڪڏهن غفلت جي ننڊ ناهي سمهندو، بيشڪ آخرت ناپسنديده ڪمن سان ڀرپُور آهي (يعني آخرت ۾ ڪاميابي جي لاءِ نفساني خواهشن کي ڇڏڻو پوندو آهي) جڏهن ته دُنيا لذتن ۽ خواهشن سان ڀريل آهي، پَس دُنيا جون اهي لذّتون ۽ خواهشون توهان کي آخرت کان هرگز غافِل نه ڪري ڇڏين۔([1])
اي عاشقانِ رسول! بيشڪ جهنّم ڪا اهڙي شيء نه آهي جو ان کان غفلت ڪئي وڃي، جهنّم جو عذاب انتهائي هولناڪ آهي۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ اَنَّ عَذَابِیْ هُوَ الْعَذَابُ الْاَلِیْمُ(۵۰) (پاره14، سورۂ حجر:50)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ بيشڪ منهنجو ئي عذاب دردناڪ عذاب آهي.
هڪ مقام تي ارشاد ٿئي ٿو:
وَ لَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَشَدُّ وَ اَبْقٰى(۱۲۷) (پاره:16، سورۂ طٰهٰ:127)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب سڀ کان سخت ۽ گهڻو باقي رهڻ وارو آهي.
گناہگار ہوں میں لائقِ جہنَّم ہوں کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یا رب
بُرائیوں پہ پَشَیماں ہوں رَحم فرمادے ہے تیرے قَہر پہ حاوی تری عطا یا رب