Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

جي مسجد ۾ امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته آهن، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي (يعني سمجھائيندي) منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال رسالو تحفي ۾ ڏنو، اهو گھر کڻي آيو ۽ پڙھيائين ته حيران رهجي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي، بس نيڪ اعمال رسالو ان جي زندگي ۾ انقلاب کڻي آيو ان جي برڪت سان الحمد لله! ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضِر ٿي ويو ۽ هاڻي 5 وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي آهي ۽ نيڪ اعمال جو رسالو به ڀرين ٿا۔([1])

تُو ولی اپنا بنا لے اُس کو ربِّ لَم یَزَل      مَدنی اِنعامات پر کرتا ہے جو کوئی عمل

نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اَعْمَال چيو ويندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي روزي بابت ڪجھ مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصِل ڪيان ٿو۔

روزو نه رکڻ جي اجازت بابت ڪجھ مدني گل

اي عاشقانِ رسول! ياد رکو! مجبوري ختم ٿيڻ جي صورت ۾ هر روزي جي بدلي هڪ روزو قضا رکڻو پوندو.

* مسافر کي روزو رکڻ يا نه رکڻ جو اختيار آهي * جيڪڏهن پاڻ ان مسافر کي ۽ ان سان گڏ سفر ڪرڻ واري کي روزو رکڻ ۾ ضَرر (يعني نقصان) نه پهچي ته روزو رکڻ سفر ۾ بهتر آهي ۽ جيڪڏهن ٻنهي يا انهن مان ڪنهن هڪ کي نقصان ٿي رهيو هجي ته روزو نه رکڻ بهتر آهي * مسافر ضحوهءِ ڪبرى کان اڳ ۾ اقامت ڪئي ۽ اڃان ڪجھ نه کاڌو ته روزي جي نيّت ڪرڻ واجب آهي * ڪنهن کي روزو ٽوڙڻ تي مجبور ڪيو ويو ته روزو


 

 



[1]... جنت کے طلب گاروں کے لئے مدنی گلدستہ، صفحہ:14۔