Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
(8): تِلاوتِ قرآن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن و حديث ۾ ٻيا به کوڙ سارا عمل بيان ٿيا آهن جن جي برڪت سان جهنّم کان نجات ملندي آهي ۽ جنّت ۾ داخِلو نصيب ٿيندو آهي۔ انهن مان هڪ تمام خوبصُورت نيڪ عَمَل تلاوتِ قرآن به آهي۔
صحابيء رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، صاحِبِ قرآن، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قرآنِ ڪريم قيامت جي ڏينهن ايندو ۽ تِلاوت ڪرڻ واري جي سفارش ڪندي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ چوندو: اي رَبِّ ڪريم! هن کي زينت عطا فرماءِ۔ هاڻ تلاوت ڪرڻ واري کي ڪرامت جو تاج پارايو ويندو۔ قرآنِ ڪريم چوندو: يَا رَبِّ زِدْہُ اِلٰهي! اِضَافو فرماءِ۔ پوءِ تِلاوت ڪرڻ واري کي ڪرامت جو لباس پارايو ويندو، قرآنِ ڪريم چوندو: يَارَبِّ اِرْضِ عَنْهُ اي ڪريم رَبّ! هن شخص سان راضِي ٿي۔ الله پاڪ ان سان راضي ٿي ويندو ۽ حڪم ٿيندو: اي شخص قرآنِ ڪريم پڙھندو وڃ، جنّت جا درجات پار ڪندو وڃ۔([1])
تلاوت کروں ہر گھڑی یا اِلٰہی! بکوں نہ کبھی بھی میں واہی تباہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
الله پاڪ ان دِل کي عذاب ناهي ڏيندو
حضرت ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قرآن پڙھو! بيشڪ جيڪا دِل قرآنِ ڪريم جي جُزْدان هجي، الله پاڪ اُن دِل کي عذاب ناهي ڏيندو۔([2])
فلموں سے ڈراموں سے عطا کر دے تُو نفرت بس شوق مجھے نعت و تلاوت کا خُدا دے
حضرت حسن بن عَمرو فزاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت ثابت بناني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه