Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

گناہ گار ہوں میں لائقِ جہنم ہوں      کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یا رب

بُرائیوں پہ پشیماں ہوں رَحم فرما دے     ہے تیرے قہر پہ حاوی تری عطا یا رب

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

صبح ۽ شام جهنّم کان پناھ گُھرڻ جي فضيلت

صحابيء رسول حضرت مسلِم بن حارِث رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: نماز فجر کان بعد ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کان پهريان هي ڪلمات ست ڀيرا پڙهي وٺو: اَللّٰهمَّ اَجِرْنِي مِنَ النَّار (اي الله! مون کي جهنّم کان بچاءِ)۔ جيڪڏهن توهان ان ڏينهن مري ويا ته الله پاڪ توهان جي لاءِ جهنّم کان امان لکي ڇڏيندو۔ اهڙي طرح مغرب جي نماز کان بعد ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کان پهريان اهي ئي ڪلمات ست ڀيرا پڙھي وٺو:  اَللّٰهمَّ اَجِرْنِي مِنَ النَّار (اي الله! مون کي جهنّم کان بچاءِ)، پوءِ جيڪڏهن توهان انهيء رات مري ويا ته الله پاڪ توهان جي لاءِ جهنّم کان امان لکي ڇڏيندو۔ ([1])

(2):تقويٰ اختيار ڪريو!

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

ثُمَّ نُنَجِّی الَّذِیْنَ اتَّقَوْا  (پاره:16، سورۂ مريم: 72)    

ترجَمو ڪنزُ الايمان: پوءِ اسان پرهيزگارن کي بچائي وٺنداسين

اي عاشقانِ رسول! هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو ته قيامت جي ڏينهن سڀني کي جهنّم (يعني پُلصراط) تان لنگھڻو آهي، ان وقت نجات اهي ماڻيندا جيڪي تقويٰ وارا، پرهيز گار آهن۔

خبر پئي؛ تقويٰ جي برڪت سان جهنّم کان نجات ملندي آهي۔ الله پاڪ اسان کي تقويٰ ۽ پرهيزگاري نصيب فرمائي۔          آمِيۡن بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]... ابو داؤد، کتاب الادب ، صفحہ:793، حدیث:5079 بتقدّم وتاخّر۔