Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
ٽوڙي سگهي ٿو پر صبر ڪيائين ته کيس اجر ملندو * نانگ ڏنگيو ۽ جان خطري ۾ پئجي ويئي ته روزو ٽوڙي ڇڏيو * بُک ۽ اُڃ اهڙي هجي جو فوت ٿيڻ جو صحيح خوف هجي يا عقل جي نقصان جو انديشو هجي ته روزو نه رکو * فقهاءِ ڪرام روزو نه رکڻ جي لاءِ جيڪي رُخصتون بيان ڪيون آهن انهن ۾ هي به داخل آهي جو مريض کي مرض وڌي وڃڻ يا دير ۾ بهتر ٿيڻ يا تندرست کي بيمار ٿيڻ جو غالب گمان هجي ته اجازت آهي ته ان ڏينهن روزو نه رکي * غالب گمان جي حصول (يعني حاصل ڪرڻ) جي ٽئين صورت ڪنهن مسلمان تجربيڪار ڊاڪٽر، طبيبِ مستور يعني غيرِ فاسق ان جي خبر آهي پر في زمانه اهڙي طبيب (ڊاڪٽر) جو ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هاڻي زماني جي ضرورت جو لحاظ ڪندي هن ڳالھ جي اجازت آهي جو جيڪڏهن ڪو قابلِ اعتماد فاسق يا غير مسلم طبيب (ڊاڪٽر) به روزو رکڻ کي صحت جي لاءِ نقصان دِه قرار ڏي ۽ روزو ترڪ ڪرڻ جو چوي ۽ مريض به پنهنجي طرفان ظن ۽ تحرّي (يعني چڱي طرح غور) ڪري جنهن سان ان کي روزو ٽوڙڻ يا نه رکڻ ئي سمجھ اچي ته هاڻي جيڪڏهن ان پنهنجي ظنِّ غالِب (يعني مضبوط سوچ) تي عمل ڪندي روزو ٽوڙيو يا روزو نه رکيو ته ان کي گناھ نه ٿيندو ۽ روزو ٽوڙڻ جي صورت ۾ ڪفارو به ان تي لازِم نه ٿيندو پر قضا بهرحال ضرور فرض ٿيندي ۽ تحرّي (يعني غور ڪرڻ) ۾ هي به ضروري آهي ته مريض جي دل ۾ هي پڪ ٿئي ته هي طبيب (يعني ڊاڪٽر) خواه مخواه روزو ٽوڙڻ جو نه پيو چئي ۽ هن ۾ به زياده بهتر هي ٿيندو ته هڪ کان وڌيڪ ڊاڪٽرن کان راءِ معلوم ڪري۔([1])
رمضان جي فضيلتن ۽ روزي بابت تفصيلي اَحڪام ۽ مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو مايه ناز ڪتاب فيضانِ رمضان پڙھو! الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد