Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

(4):ثواب جي نيت سان اذان ڏيو

صحابيء رسول حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي، شهنشاه مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن ثواب جي لاءِ 7 سالن تائين اذان ڏني، ان جي لاءِ جهنّم کان نجات لکي ويندي آهي۔([1])

حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪو بغير پگھار جي 7 سال اذان ڏي، الله پاڪ ان جي لاءِ جهنّم کان آزادي ۽ جنّت ۾ داخلي جو پروانو لکي ڇڏيندو آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن ان کي ڏنو ويندو۔([2])

سُبْحٰنَ الله! معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ اذان ڏيڻ به جهنّم کان بچائڻ وارو عَمَل آهي۔ ڪاش! اسان اذان ڏيڻ جي سَعَادت حاصل ڪريون، اذان ڏيڻ ڪو مشڪل ڪم ته نه آهي، اسان الحمد لله! مسلمان آهيون، ننڍپڻ کان ئي اذان ٻڌندا پيا اچون، پُوري اذان ۾ صرف 15 ڪلمات آهن، اهي لفظ چڱي طرح ياد ڪري قاري صاحب کي ٻُڌايو! پوءِ وقت بوقت صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ مسجد ۾ اذان ڏيندا رهو، الله پاڪ چاهيو ته اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! کوڙ ثواب به ملندو ۽ جهنّم کان نجات به ملي ئي ويندي۔

اذان جي فضيلتن تي 3 حديث سڳوريون

(1): رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ثواب جي خاطِر اذان ڏيڻ وارو ان شهيد جيان آهي جيڪو رت ۾ ڀريل هجي ۽ جڏهن مرندو قبر ۾ ان جي جسم ۾ جيت نه پوندا.([3]) (2): هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي، فرمايائون: مان جنّت ۾ ويس، اتي موتي جا گُنبد ڏٺا۔ پڇيم: اي جِبرئيل! هي ڪنهن جي لاءِ آهن؟ عَرض ڪيائين: اوهان جي اُمّت جي مُؤذِنن ۽ امامن جي لاءِ([4]) (3): رحمتِ


 

 



[1]... ابن ماجہ، کتاب الاذان، صفحہ:125، حدیث:727۔

[2]... مرآۃ المناجیح، جلد:1، صفحہ415۔

[3]... الترغیب والترہیب، کتاب الصلاۃ، صفحہ:95، حدیث:24۔

[4]... جامع صغیر، صفحہ:255، حدیث:4179۔