Book Name:Behtreen Khatakar Kon

اسان جي وچ ۾ موجود آهن، مون پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پڇڻ جي بغير ئي حڪم ٻڌائي ڇڏيو، جيئن ته صبح ٿيو ته بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيس، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سڄو  احوال عرض ڪيو، نبيءِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي ڳالھ ٻڌي ته فرمايائون: اِنَّا للہِ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن، اي ابو هريره! تون پاڻ به هلاڪ ٿئين ۽ ان عورت کي به هلاڪت ۾ وِڌي، ڇا تو کي الله پاڪ جو هي فرمان ياد نه آهي:

اِلَّا مَنۡ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَاُولٰٓئِکَ یُبَدِّلُ اللہ سَیِّاٰتِہِمۡ  حَسَنٰتٍ ؕ       وَ کَانَ  اللہ  غَفُوۡرًا  رَّحِیۡمًا (۷۰)

(سيپارو: 19، سورة فُرقان: 70)

ترجمو ڪنزالعرفان: پر جيڪو توبھ ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ چڱو ڪم ڪري ته اهڙن جي بُرائين کي الله نيڪين سان بدلائي ڇڏيندو ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.

   حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن آيتِ ڪريمه ۽ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ ذيشان ٻڌو ته کين احساس ٿيو ته مون غلط مسئلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، سندن تي احساس جو ايترو ته غلبو ٿيو جو پاڻ مديني پاڪ جي گهٽين ۾ آواز ڏيڻ لڳا: هڪ عورت رات مون کان مسئلو پڇيو هو، ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ته اها عورت ڪير آهي؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه سڄو ڏينهن اهڙيءَ طرح صدائون لڳائيندا رهيا، ايستائين جو جڏهن رات ٿي ته اها عورت مون کي ڪالهوڪي جڳھ تي بيٺي نظر آئي، مون ان کي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان ٻڌايو ۽ چيومانس ته بيشڪ تنهنجي لاءِ توبھ آهي (يعني الله پاڪ وڏو غفّار آهي، تون توبھ ڪر ته الله پاڪ قبول فرمائيندو)، اهو ٻڌندي ئي اها عورت خوش ٿي وئي ۽ خوشيءَ وچان چيائين: منهنجو هڪ باغ