Book Name:Behtreen Khatakar Kon

اڄڪلھ فيس بُڪ * يوٽيوب * موبائل فون * انسٽاگرام خبر ناهي ڇا ڇا ايجاد ٿي ويو آهي ۽ گڏوگڏ بي احتياطي به وڌي وئي آهي * ماڻهو غلط مسئلا شيئر ڪندا رهن ٿا * ميسجز هلائي ڇڏيندا آهن * ديني معلومات ته هوندي ناهي، بَس ڪو ميسج آيو، ڪا پوسٽ آئي، سُٺي لڳي ۽ اڳتي شيئر ڪري ڇڏي، هڪ بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي، هڪ ٻه نه، سون، هزارن بلڪه لکين ماڻهن تائين اها غلطي پهچي ويندي آهي. هاڻي ان جو ازالو ڪير ڪري؟ ديني معلومات هوندي ته خبر پوندي ته مون غلط مسئلو شيئر ڪري ڇڏيو آهي.

   بهرحال! غلط مسئلا، ڪنهن غلط ڳالھ کي دين جي طرف منسوب ڪري عوام تائين پهچائڻ سخت خطرناڪ آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَنۡ اَظۡلَمُ  مِمَّنِ افۡتَرٰی عَلَی اللّٰہِ  کَذِبًا  (سيپارو:7 سورة انعام: 21)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي.

   معلوم ٿيو: الله پاڪ تي ڪوڙ هڻڻ وارو سڀني کان وڏو ظالم آهي، جڏهن اسان ڪنهن کي ديني مسئلو ٻڌايون ته ان جو مطلب اهو ئي ته آهي الله ۽ رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ان جي باري ۾ هي حڪم فرمايو آهي، جيڪڏهن اهو مسئلو غلط آهي ته هي الله پاڪ تي ڪوڙ ٿي ويندو ۽ الله پاڪ تي ڪوڙ هڻڻ وارو سڀني کان وڏو ظالم آهي. الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ اسان کي محفوظ فرمائي.

    بهرحال! جنهن فيس بُڪ تي، يوٽيوب تي، انسٽاگرام يا واٽس ايپ (WhatsApp) وغيره تي غلط مسئلو پوسٽ ڪري ڇڏيو ته ان کي گهرجي ته فوراً ان جو ازالو ڪري، مثال طور ڪا اهڙي تحرير ٺاهي ته فلاڻي ڏينهن مون فلاڻي پوسٽ ڪئي هئي، ان ۾ هي ڳالھ غلط هئي، درست ڳالھ هيئن آهي، لهٰذا مان پنهنجي غلطي کان توبھ ۽ رجوع ڪريان ٿو.