Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

   اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هڪ ڀيرو ٻيهر ماھِ غفران، ماھِ نُزولِ قرآن، ربَّ جي مهمان، ماھِ رمضان جي آمد آمد آهي. ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ اعلان ٿيندو: مبارڪ هجي رمضانُ المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو. هي اعلان ٻڌندي ئي عاشقانِ رمضان جون دليون خوشيءَ مان جهومڻ لڳنديون۔ چهرن تي تازگي (Freshness) اچي ويندي۔ مسجدن جي رونق وڌي ويندي۔ تراويح جو سلسلو۔ فرض نمازون۔ ڪو نفلن جي ڪثرت ڪري رهيو هوندو۔ ڪو تلاوتِ قرآن جي سعادت ماڻي رهيو هوندو۔ سحري ۽ افطاري جون رونقون هونديون۔ روزانو (عصر ۽ تراويح کان بعد) 2 مدني مذاڪرن جي ذريعي فيضانِ رمضان ۽ علمِ دين خوب عام ٿي رهيو هوندو۔ ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! زندگي جو مزو ٻيڻو ٿي رهيو هوندو.

خُدا کی ہے عنایت ماہِ رمضان آنے والا ہے

ہوئی مولیٰ کی رحمت، ماہِ رمضان آنے والا ہے

خُوشی سے جھومتا ہے دِل، مچی ہے قلب میں ہلچل

مِلی  عاشق  کو  فرحت،  ماہِ  رمضان  آنے  والا  ہے[1]


 

 



[1] وسائلِ فِردَوس ،صفحہ:24 ملتقطاً۔