Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو به انتقال ٿي ويو.

   حضرت طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: انهن ٻنهي جي دنيا مان وڃڻ کان بعد هڪ رات مون خواب ڏٺو، ڇا ٿو ڏسان ته مان جنّت جي دروازي تي بيٺو آهيان، اهي ٻئي صحابيءِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنْهما به اتي ئي موجود هئا، ايتري ۾ جنّت جي اندران ڪو ٻاهر آيو ۽ اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن جو انتقال هڪ سال بعد ۾ ٿيو هو، ان کي وٺي ڪري جنّت ۾ هليو ويو، ڪجھ دير کان پوءِ وري ٻاهر آيو ۽ اهو صحابي جيڪو هڪ سال پهريان شهيد ٿيو هو، هن ڀيري ان کي وٺي ڪري جنّت ۾ داخل ٿي ويو.  

   صبح ٿيو ته حضرت طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجو خواب صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي ٻڌايو، سڀئي حيران هئا، جڏهن هيءَ ڳالھ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تائين پهتي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي صحابه! توهان کي حيراني ڪهڙي ڳالھ تي آهي؟ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هڪ صحابي گهڻو عبادت گذار هو، پوءِ کيس شهادت جو رتبو مليو، ان جي باوجود هُو بعد ۾ جنّت ۾ داخل ٿيو ۽ ٻيو صحابي جنهن جو انتقال هڪ سال کان پوءِ  ٿيو، اهو پهريان جنّت ۾ داخل ٿي ويو، ان جو ڇا سبب آهي؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا اهو صحابي هڪ سال وڌيڪ زندھ نه رهيو؟ عرض ڪيائون: جي ها! رهيو... پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا ان شهيد ٿيڻ واري جي نسبت هڪ سال رمضان جا روزا نه رکيا؟ صحابه عرض ڪيو: جي ها! رکيا... پاڻ  ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻيهر پڇيو: ڇا ان کان بعد ۾ فوت ٿيڻ واري صحابي اوترا سجدا وڌيڪ نه ڪيا؟ عرض ڪيائون: جي ها!، ڪيا... ان تي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بَس انهيءَ سبب