Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

تزڪيهءِ نفس...!! اهو شخص ڪامياب آهي  جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو، پنهنجي نفس کي بُري عقيدن، بُرن اخلاقن، بُري عادتن ۽ باطني بيمارين کان پاڪ ڪري ورتو ۽، جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ نه ڪيو، اهو جيتوڻيڪ دنياوي اعتبار سان ڪيتري ئي بُلندي تي ڇونه پهچي وڃي، اهو ڪامياب ناهي، حقيقت ۾ ناڪام ئي آهي.

بادشاه يا غلامن جو غلام

  پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالھ نهايت آسان ۽ سمجھ ۾ اچڻ واري آهي، جيڪو غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجي، اهو توڙي جو ڪيترا به پيسا ڪمائي وٺي، جيتري به بُلند منصب تي پهچي وڃي، جڏهن اهو آهي ئي غلام ته اهو حقيقت ۾ ڪامياب نه ٿو چورائي سگهي. ڪاميابي جي ابتدا ئي آزادي کان ٿيندي آهي. هاڻي ٿورو سوچيو! نفس جي غلامي کان وڌيڪ ڪهڙي غلامي ٿي سگهي ٿي. هڪ نيڪ بزرگ هو، ڪنهن بادشاھ انهن کي چيو: بابا جي! جيڪو گهرڻ چاهيو ٿا گهرو؟ فرمايائون: مان پنهنجي غلامن جي غلام کان ڪجھ نه ٿو گُهران، بادشاھ وڏو حيران ٿيو، چيائين: مان اوهان جي غلامن جو غلام ڪيئن؟ مان ته بادشاھ آهيان. نيڪ بزرگ فرمايو: لالچ ۽ خواهش منهنجا غلام آهن ۽ تون انهن جو غلام آهين، لهٰذا منهنجي غلامن جو غلام ٿئين.

 اصل ۽ سڀ کان بُري غلامي اها ئي آهي ته ماڻهو پنهنجي نفس جو غلام ٿي وڃي، لهٰذا ڪو چاهي سڄي دنيا فتح ڪري، جيڪڏهن ان پنهنجي نفس کي فتح نه ڪيو، حرص ۽ هَوس تي قابو نه پاتائين، پنهنجي اندر مان حسد، تڪبر، غرور ۽ خود پسندي جهڙي نانگ وڇُوئن کي نه ماريائين، اهو ڪامياب ناهي، حقيقت ۾ غلام آهي.

   الله پاڪ اسان کي نفس جي غلامي کان آزادي نصيب فرمائي، ڪاش! اسان