Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

پنهنجي ڪفر کان توبھ ڪري مسلمان ٿيان ٿو ۽ پڙهيائين، لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ان حضرت خواجه نظامُ الدّين اولياء رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ظاهري علاج ڪيو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سندس احسان جو بدلو ڏيندي ان جي باطن جو علاج ڪري ڇڏيو، ان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي جسم جو علاج ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي روح جو علاج ڪري ڇڏيو، ان ظاهري بيماري ختم ڪئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي باطني يعني ڪُفر جي بيماري کي ختم ڪري ڇڏيو![1]

نگاہِ ولی میں  وہ تاثیر  دیکھی                                                                                                       بدلتی ہزاروں کی تقدیر دیکھی

نفس جي مخالفت ڪهڙن ڪمن ۾ ڪرڻ گهرجي

   حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪاميابي چاهيو ٿا ته پنهنجي ربَّ ڪريم جي اطاعت ۾ نفس جي مخالفت ڪيو! جيڪڏهن نفس ربَّ ڪريم جي اطاعت (يعني نيڪ اعمال) جي خواهش ڪري ته اهڙي خواهش پوري ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن ربَّ ڪريم جي نافرماني جي خواهش ڪري ته ان کان رڪجي وڃو...!![2]

نفس و شیطاں پر مجھے غلبہ عطا کر یاخُدا!                                                       اُس علی کا واسطہ دیتا ہوں جو ہے تیرا  شیر

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(2): نفس تي عبادت جو  وزن وجهو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! تزڪيهءِ نفس جي لاءِ جيڪا ٻي شيءِ نهايت ضروري آهي، اها هي آهي ته نفس تي عبادت جو وزن وڌو وڃي. نفس فطرتي طور تي سُست ۽ لذَت پسند آهي، اهو عبادت تي مائل نه ٿيندو، البت اسان کي گهرجي


 

 



[1] فیضان سنت،صفحہ:736-738۔

[2] الفتح الربانی، ص:160۔