Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

روزيدارن جو  پاڙو

   حضرت مالڪ بن دينار رَضِىَ اللهُ عَنْه تمام وڏا الله جا ولي آهن، ٻين ولين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جيان پاڻ به نفس ڪُشي (يعني نفساني خواهشن کان بچڻ) جي لاءِ محنت ڪندا هئا. اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي ڪتاب فيضانِ رمضان ۾ لکن ٿا: حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه (نفس جي خواهش کان بچڻ جي لاءِ) 40 سالن جي دوران ڪڏهن کُجور نه کاڌي. 40 سالن کان بعد جڏهن کيس کُجور کائڻ جي خوب خواهش ٿي ته پاڻ نفس ڪُشي (يعني ان خواهش جو زور ٽوڙڻ) جي لاءِ لاڳيتو هڪ هفتو روزا رکيا، پوءِ کُجورون خريد ڪري ڏينهن جي وقت بصره شريف جي هڪ مُحلي جي مسجد ۾ داخل ٿيا، اڃان کائڻ جي لاءِ کُجورون ڪڍيون ئي هيون ته هڪ ٻار رڙيون ڪري چوڻ لڳو: بابا سائين! مسجد ۾ غير مُسلم اچي ويو آهي. ٻار جي والد صاحب ٻڌو ته


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔