Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

نفس ۽ شيطان کان بچي ڪري صرف ۽ صرف الله ۽ رسول جي فرمانبرداري اختيار ڪيون.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

مُحیط دل پہ ہوا ہائے نفسِ امّارہ                                                                          دماغ پر مِرے ابلیس چھا گیا یاربّ!

رہائی مجھ کو ملے کاش !نفس و شیطاں سے                          تِرے حبیب کا دیتا ہوں واسطہ یاربّ!

نفس هر  بُرائي جو  ٺڪاڻو آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! تزڪيهءِ نفس (يعني نفس کي سڌارڻ جي ڪوشش جاري رکڻ) نهايت ضروري آهي. حجةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نفس شيطان کان به وڏو دشمن آهي، شيطان کي خواهشاتِ نفس جي ذريعي ئي انسان تي غلبو حاصل ٿيندو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن توهان نفس جي رضا ۾ ان جي خواهشات جي پيروي ڪندؤ ته هلاڪ ٿي ويندؤ، جيڪڏهن خواهشات تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان غافل رهندؤ ته گناھن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندؤ، توهان جو نفس توهان کي جهنّم ڏانهن ڇڪي ڪري وٺي ويندو، ياد رکو! نفس مصيبتن جي پاڙ، شرمندگي جي کاڻ، ابليس جو خزانو ۽ هر بُرائي جو ٺڪاڻو آهي.[1]

نفس جهنّم ۾ وڃڻ جو سبب به ٿي سگهي ٿو

 مڪاشفةُ القلوب ۾ آهي: حضرت ابوالحسن رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ويجهي رشتيدار جو انتقال ٿي ويو، ان جي مرڻ کان بعد حضرت ابو الحسن رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي خواب ۾ هن حال ۾ ڏٺو ته ان جي جسم تي جهنّمي لباس هو. پاڻ پڇيائون: هي ڇا آهي؟ مان توهان کي جهنّمين جي لباس ۾ ڏسي رهيو آهيان؟ مرڻ واري


 

 



[1] مکاشفۃ القلوب مترجم ،صفحہ:46خلاصۃً ۔