Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

سمجهڻ جي لاءِ معرفةُ القرآن پڙهو! تفسيرِ صراطُ الجنان ۽ معرفةُ القرآن جي موبائل ايپليڪيشن به موجود آهي، پنهنجي موبائل ۾ هي ٻئي ايپليڪيشنز انسٽال ڪيو! ان کان فائدو کڻو ۽ نورِ قرآن سان سينو روشن ڪندا وڃو! ماھِ رمضان جي هڪ خاص عبادت اعتڪاف ڪيو!
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ئي ڪرم ٿيندو.

اجتماعي اعتڪاف جي ترغيب

  اي عاشقانِ رسول! اعتڪاف پُراڻي عبادت آهي، پهريان جي امّتن ۾ به اعتڪاف جي عبادت هئي. 2023ء جي رمضانُ المبارڪ ۾ دعوتِ اسلامي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پوري مهيني جو 23 مقامن تي ۽ آخري ڏهاڪي جو 13500 کان وڌيڪ مقامن تي اعتڪاف ڪرائڻ جو عزم رکي ٿي. توهان به سڄي رمضان مهيني يا گهٽ ۾ گهٽ آخري ڏهاڪي جي اجتماعي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺو!
 اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضانُ المبارڪ مهيني ۾ گناھن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادت جو شوق وڌڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو.

تزڪيهءِ نفس جا 3 طريقا

   حجةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تزڪيهءِ نفس يعني نفسِ امّاره جو زور ٽوڙڻ، ان کي سڌارڻ جا 3 بهترين طريقا ارشاد فرمايا آهن. جيڪڏهن اسان رمضانُ المبارڪ ۾ تزڪيهءِ نفس جا هي 3 طريقا پاڻ تي نافذ ڪري وٺون ته  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نفسِ امّاره سڌرندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته باطن جي پاڪيزگي نصيب ٿيندي.

   امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جي عُلماءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم فرمايو: 3