Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

(2):  نفس ڪشي جي فضيلت

   اي عاشقانِ رسول! اسان حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو واقعو ٻُڌو، ٿورو غور فرمايو! اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم الله پاڪ جا نيڪ ٻانها نفس کي ڪهڙيءَ طرح ماريندا هئا، حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نفس جي خواهش کي روڪڻ جي لاءِ 40 سالن تائين کُجور نه کاڌي، پوءِ 40 سالن کان بعد کُجور کائڻ جو ارادو به فرمايو ته نفس کان فِيس وٺندي پهريان هڪ هفتو نفل روزا رکيائون.

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نفس ڪشي جي ڇا ڳالھ ڪجي! پاڻ ڪيئي سالن تائين ڪا مزيدار شيءِ نه کاڌي. عام طور ڏينهن جو روزو رکي ڪري خُشڪ مانيءَ سان افطار جو معمول هو. هڪ ڀيري نفس جي خواهش تي گوشت خريد ڪيائون، رستي ۾ سونگهيائون ۽ فرمايائون: اي نفس! گوشت جي خوشبو سونگهڻ ۾ به ته لُطف آهي! بَس هن کان وڌيڪ هِن ۾ تنهنجو حصو ناهي. هي چئي ڪري اهو گوشت هڪ فقير کي ڏئي ڇڏيائون. پوءِ فريائون: اي نفس! مان توکي ڪنهن دشمني جي ڪري تڪليف نه ٿو ڏيان مان ته صرف ان ڪري توکي صبر جو عادي بڻائي رهيو آهيان ته جيئن رضاءِ الهي جي لازوال دولت نصيب ٿي وڃي.[1]

تزڪيهءِ نفس جي فضيلت

   پيارا اسلامي ڀائرو! تزڪيهءِ نفس يعني نفس جي پاڪائي، نفس کي سڌارڻ، ان کي بُرن عقيدن کان بچائي ڪري سُٺن ۽ دُرست اسلامي عقيدن جو پابند بڻائڻ، بُريون عادتون ڇڏرائي ڪري سُٺين عادتُن جو عادي بڻائڻ، گناھ ڇڏرائي ڪري عبادت تي لڳائي ڇڏڻ، باطني بيمارين مثال طور: رياڪاري، خود پسندي،


 

 



[1] تذکرۃُ الاولیاء ،صفحہ:33۔