Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

غير   مسلم مسلمان ٿي ويو

  پاڪستان پنجاب جي صوبي جي هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان آهي، هڪ ڏينهن اسان وٽ ڪراچي کان هڪ مدني قافلو آيو، مدني قافلي وارن سان ملي ڪري مون کي به علاقائي دوري ۾ شرڪت جو شرف مليو، اسان هڪ درزيءَ جي دڪان جي ٻاهران ماڻهن کي گڏ ڪري نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا هئاسين، جڏهن بيان ختم ٿيو ته انهيءَ دڪان جي هڪ ملازم نوجوان چيو: مان غير مسلم آهيان. توهان حضرات جي نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي گهرو اثر (Effect) ڪيو آهي، مهرباني فرمائي ڪري مون کي اسلام ۾ داخل ڪري وٺو. پوءِ الحمد لله! اهو ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويو.

مقبول جہاں بھر میں، ہو دعوتِ اسلامی                                                 صدقہ تجھے اے رَبِّ غفّار! مدینے کا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تجهيز ۽ تڪفين ايپليڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اڄوڪو دور ٽيڪنالوجي جو دور آهي، الۡحمۡدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اِسمارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهي، جنهن مان هڪ موبائل ايپليڪيشن آهي: Muslim's Funeral هن موبائل ايپليڪيشن ۾ مَيَّت جي غسل ۽ ڪفن ۽ دفن وغيره جي باري ۾ اهم ترين معلومات ڏني وئي آهي ۽ هڪ خاص ڳالھ هي آهي ته مَيَّت کي غسل ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ڪفن ڪيئن پارائڻو آهي؟ ان جي عملي طريقي جي لاءِ Animated Videos به شامل آهن. توهان به هي موبائل ايپلي ڪيشن پنهنجي