Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

چوندا آهن.[1] آيتِ ڪريمه جي هڪ معنٰي هي به آهي اي انسانو! اسان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  توهان جي جسمن کي ظاهري گندگين کان پاڪ فرمائيندا آهن توهان کي پاڪي جا طريقا سيکاريندا آهن ۽ توهان جي دلين کي خراب اخلاقن ۽ عيبن کان ۽ خيالن کي ڪفر ۽ شرڪ کان صاف فرمائيندا آهن. [2]

ڪاميابي جو   اصل مِعۡيار

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ ماڻهن پنهنجي پنهنجي لحاظ سان ڪاميابي جا مختلف مِعۡيار مقرر ڪري رکيا آهن، ڪنهن جي ويجهو مالدار ٿي وڃڻ ڪاميابي آهي، ڪنهن جي ويجهو شهرت ملي وڃڻ ڪاميابي آهي، ڪو منصب ۽ عهدو ملي وڃڻ کي ڪاميابي سمجهندو آهي، مطلب ته: هر هڪ ڪاميابي جا جدا جدا معيار مقرر ڪيو ويٺو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي معيار جي مطابق ڪاميابي جي پٺيان ڀڄي رهيو آهي پر اصل ڪاميابي جو معيار ڇا آهي؟ اسان جو مالڪ ۽ خالق، اسان جو پيارو الله پاڪ جنهن هي دنيا بڻائي، اسان کي پيدا ڪيو، هن دنيا ۾ اسان کي آباد ڪيو، ان ربّ ڪائنات وٽ ڪاميابي جو معيار ڇا آهي؟ اچو! قرآني آيتون ٻڌو! الله پاڪ سيپارو: 30، سورتُ الشَّمس ۾ 7 قِسم ذڪر ڪري فرمايو:

قَدۡ  اَفۡلَحَ  مَنۡ  زَکّٰىہَا ۪ۙ(۹)    وَ  قَدۡ خَابَ مَنۡ  دَسّٰىہَا (ؕ۱۰(سيپارو: 30، سورة شمس: 9_ 10)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ جنهن نفس کي پاڪ ڪري ورتو اهو ڪامياب ٿي ويو ۽ جنهن نفس کي گناھن ۾ لِڪائي ڇڏيو اهو ناڪام ٿي ويو.

  معلوم ٿيو: * ڪاميابي جو معيار عزّت ۽ شهرت ناهي * ڪاميابي جو معيار مال ۽ دولت، عيش و آرام، بلند منصب نه بلڪه ڪاميابي جو معيار ڇا آهي؟


 

 



[1] تفسیر نعیمی،پارہ:1،سورۂ بقرہ،زیر آیت :129،جلد:1،صفحہ:739 ۔

[2] تفسیر نعیمی ،پارہ :2،سورۂ بقرہ،زیر آیت:151،جلد:2،صفحہ:65۔