Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

نفس جو زور ٽوڙڻ جو بهترين موسم

   پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جو وڏو ڪرم آهي جو ان اسان گناھگارن کي ماھِ رمضان جي نعمت عطا فرمائي آهي، ماھِ رمضان نفس جي سگھ ٽوڙڻ جو بهترين موسم آهي. جيڪڏهن اسان صحيح معنٰي ۾ رمضانُ المبارڪ جو قدر ڪيون، جهڙيءَ طرح ماھِ رمضان گذارڻ گهرجي، اهڙيءَ طرح گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نفسِ امّاره (يعني بُرائي تي اڀارڻ واري نفس) جو زور ٽٽي ويندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته باطن صاف سٿرو چمڪدار ٿي ويندو.

  رمضانُ المبارڪ ڪيئن گذارڻ گهرجي؟ * غفلت کان بچندي رمضانُ گذاريو! * ڪوشش ڪيو ته ماھِ رمضان جي هڪ هڪ گهڙي ڪهڙي نه ڪهڙي انداز ۾ عبادت ۾ گذري، ڪڏهن تلاوت ٿي، ڪڏهن ذڪر ۽ دُرود، پنج نمازون باجماعت تڪبيرِ اولٰي سان ادا ٿين، تهجد، اشراق ۽ چاشت ۽ اوَّابين جا نوافلَ به نه ڇڏجن، هلندي ڦرندي، اٿندي ويهندي زبان ذڪر ۽ دُرود سان تَر رهي * دعائون گهرڻ جو مهينو آهي، خوب ڪثرت سان دعائون گهرو! پنهنجي، پنهنجي اهلِ خانه جي، مائٽن مٽن بلڪه تمام امّتِ مُسلمه جي مغفرت جون دعائون ڪيو! نفس جو زور ٽُٽي، شيطان کان جان ڇٽي، دل صاف سٿري چمڪدار ٿي وڃي، نيڪين ۾ دل لڳي، گناھن کان نفرت ٿي وڃي، الله پاڪ کان هي خيراتون گهرو! * تمام روزا رکو! * خوب ذوق ۽ شوق سان نمازِ تراويح اهي به پوريون 20 رڪعتون ادا ڪيو! * خوب دل لڳائي ڪري قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪيو! * بلڪه ماھِ رمضان نزولِ قرآن جو مبارڪ مهينو آهي، قرآنِ ڪريم کي سمجهڻ جي به ڪوشش ڪيو! ان جي لاءِ تفسيرِ قرآن صراطُ الجنان پڙهو! جديد ۽ نهايت ئي آسان اردو زبان ۾ لکيل بهترين تفسير آهي، ان ۾ آسان ترجمهءِ قرآن ڪنزالعرفان به شامل آهي، قرآنِ ڪريم جو لفظي ترجمو سکڻ،