Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

عبادت ڪرڻ ۾ به حڪمتِ عملي اپنايو!

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي نفس تي وزن وجهڻو آهي، ضرور وجهڻ گهرجي، البت ان جي لاءِ حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ گهرجي، نه ته نفس نهايت سُست ڌوڪيباز ۽ جلد ٿڪجڻ وارو آهي، ائين نه ٿئي جو جوش ئي جوش ۾ اسان ڏينهن رات عبادت شروع ڪري ڇڏيون، پوءِ ڪجھ ڏينهن کان بعد نفس ٿڪجي پئي ۽ عبادت جو سلسلو رڪجي وڃي. لهٰذا نفس تي عبادت جو وزن به وجهون ته حڪمتِ عملي سان وجهون، مثال طور شروع شروع ۾ صرف هڪ ئي قسم جي عبادت نه ڪئي وڃي بلڪه مختلف قسمن جون عبادتون ڪيون وڃن مثال طور ڪنهن وقت نفلن جو جدول بڻايو وڃي، ڪنهن وقت دُرودِ پاڪ پڙهي وٺون، ڪنهن وقت تلاوت ڪيون، ڪنهن وقت سُٺين سُٺين نيّتن سان ڪو ديني ڪتاب پڙهون، وچ ۾ ڪجھ وقفو به ڪندا رهون، پنهنجا ضروري ڪم وغيره به ڪندا رهون، ايئن روزانو مختلف جدول ٺاهيو وڃي، هن طرح  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ذوق برقرار رهندو، استقامت به ملندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته نفسِ امّاره جو زور ٽُٽي ئي ويندو.

نيڪ اعمال اپنائي وٺو!

   نفس تي عبادت جو وزن وجهڻ جي لاءِ هڪ بهترين حڪمتِ عملي اها آهي جيڪا دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ عطا فرمائي آهي. يعني نيڪ اعمال. اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72 نيڪ اعمال آهن، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، طالبن جي لاءِ 92 ۽ ننڍن ٻارن جي لاءِ 40. هي نيڪ اعمال اپنايو، هن ۾ ڪافي عبادتون ملنديون، مثال طور * هن ۾ هڪ نيڪ عمل پنج ئي نمازون باجماعت پڙهڻ جي متعلق آهي * سُٺين سُٺين نيّتن جو نيڪ عمل