Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

مٿي تي سوار هوندو آهي، تڏهن وڃي ڪجھ سؤ يا ڪجھ هزار روپيا ملندا آهن. الله پاڪ جي رحمت تي قربان وڃو! ڪم ڇا آهي؟ نفس کي خواهشن کان روڪڻو آهي، هي ڪنداسين ته ڇا ملندو؟ جنّت جون هميشه رهڻ واريون نعمتون، نه ختم ٿيڻ واري زندگي...!!

وہ  تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا                                     ہم مفلس کیا مول چُکائیں اپنا ہاتھ ہی خالی ہے [1]

مريض خود طبيب بڻجي ويو

منقول آهي، حضرت خواجه نظامُ الدّين اولياء رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سخت بيمار ٿي پيا. مريدن عرض ڪيو، حضور هتي هڪ پنڊِت ڦيڻو رکندو آهي ان جو علاج تمام گهڻو مشهور آهي جيڪڏهن حڪم ڏيو ته ان وٽ هلون. فرمايائون مان علاج جي لاءِ غير مُسلم وٽ نه ويندُس. مرض ويتر وڌڻ لڳو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بي هوش ٿي ويا، مريد انهيءَ پنڊِت وٽ کڻي ويا ان ڦوڪ هنئين ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي هوش اچي ويو ۽ تندرست ٿي ويا. سندن پنهنجو پاڻ کي صحتياب ڏٺو، ته پنڊِت کي ڏسي ڪري پڇيائون، توکي علاج ۾ هي ڪمال ڪيئن حاصل ٿيو؟ چيائين، منهنجي گُرو (يعني استاد) مون کان واعدو ورتو هو ته نفس جيڪو چئي ان جي برخلاف ڪجانءِ. لهٰذا جڏهن ٿڌو پاڻي پيئڻ جي خواهش ٿيندي آهي ته گرم پيئندو آهيان، چانورَ کائڻ تي دل چوندي آهي ته ماني کائي وٺندو آهيان هن طرح نفس جو ابتڙ ڪندو رهڻ سان مون ۾ هيءَ قوت پيدا ٿي چڪي آهي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايائون، هي ٻڌاءِ، توهان جو نفس مسلمان ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو يا نه؟ چيائين منع ڪري ٿو، فرمايائون، هي مسلمان ٿيڻ کان منع ڪري ٿو ته توهان جي اصول جي مطابق توهان کي ان جو ابتڙ ڪندي مسلمان ٿي وڃڻ گهرجي. هي ڳالھ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪجھ اهڙي انداز ۾ ارشاد فرمائي جو تاثير جو تير بڻجي ڪري ان جي دل ۾ لهي وئي ۽ اهو بي اختيار پڪارڻ لڳو، مان


 

 



[1] حدائق بخشش ،صفحہ:186۔