Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

هٿ ۾ ڏنڊو کڻي ڪري ڊوڙندو آيو پر جڏهن حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ڏٺو ته سڃاڻي ورتو ۽ معافي گهرندي عرض ڪيائين: حضور! اصل ۾ ڳالھ هي آهي ته اسان جي پاڙي ۾ تمام مسلمان روزا رکندا آهن، غير مُسلمن کان علاوه هتي ڏينهن جي وقت ڪوبه ناهي کائيندو، ان ڪري ٻار کي اوهان جي غير مُسلم هجڻ جو خدشو ٿيو. مهرباني ڪري! اوهان هن جي خطا معاف فرمائي ڇڏيو!

 حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جوش جي عالَم ۾ فرمايو: ٻارن جي زبان غيبي زبان هوندي آهي. پوءِ قَسم کنيائون ته هاڻي ڪڏهن کُجور کائڻ جو نالو نه وٺندُس.[1]

رِہائی مجھ کو ملے کاش!نفس و شیطاں سے                                         ترے  حبیب  کادیتا ہوں  واسِطہ  یا ربّ!

گناہ بے عدد  اور جرم  بھی   ہیں  لا تعداد                                                               معاف کردے نہ سہ پاؤں گا  سزا یاربّ![2]

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هن خوبصورت واقعي مان اسان جي لاءِ سکڻ جون 2 ڳالهيون آهن:

(1): پهريان جي مسلمانن جي روزي سان محبت

 (1): پهرين نمبر تي هي ڏسو! ته پهريان جا مسلمان روزن سان ڪيتري قدر محبت ڪندا هئا، ماھِ رمضان کان علاوه ٻين ڏينهن ۾ به سڄي پاڙي ۾ رمضان جهڙو ماحول هوندو هو، ايستائين جو ننڍڙي ٻار سمجهي ورتو ته شايد ڏينهن جي وقت کائڻ (يعني نفلي روزا نه رکڻ) غير مسلمن جي سڃاڻپ آهي.

  افسوس! هاڻ ته حالتون بلڪل ابتڙ آهن، ڪيترا ئي اهڙا غافل آهن جيڪي بنا


 

 



[1] تذکرۃُالاولیاء صفحہ:33خلاصۃً۔

[2] وسائل بخشش ،صفحہ:78۔