Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

شين جي مدد سان نفسِ امّاره جو زور ٽوڙي سگهجي ٿو: (1) خواهشن کان رڪجڻ (2): نفس تي عبادتن جو وزن وجهڻ (3): الله پاڪ کان مدد گهرڻ. [1]

(1): خواهشن کان رڪجڻ

  نفس جي وڏي بُرائي اها ئي آهي ته هي خواهشون پاليندو آهي، جيڪڏهن اسان نفس جون خواهشون پوريون ڪرڻ ڇڏي ڏيون ته ان جو زور ازخود ٽُٽي ويندو. حضرت جنيد بن محمد خزاز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان رات جو جاڳيس ۽ پنهنجي وظيفي ۾ مشغول ٿي ويس. پر مون ان ۾ اها لذت محسوس نه ڪئي جيڪا پهريان محسوس ڪندو هيس بهرحال مون سمهڻ جو ارادو ڪيو پر سمهي نه سگهيس، وري ويهڻ جو ارادو ڪيم پر ويهي به نه سگهيس آخرڪار ٻاهر نڪتس ته، ڇا ٿو ڏسان هڪ شخص ڪمبل ۾ ويڙهيل رستي تي پيل آهي، جڏهن ان کي منهنجي اچڻ جي خبر پئي ته چوڻ لڳو: اي ابو قاسم! ٿورو مون ڏي تشريف کڻي اچو. مون چيو: اي محترم! اوهان اچڻ جي ڪا اطلاع نه ڏني. ان شخص چيو: جي ها! مون الله پاڪ جي بارگاھ ۾ التجاء ڪئي ته اهو تنهنجي دل کي منهنجي طرف متوجھ ڪري. مون چيو: اها تنهنجي طرف متوجھ ٿي وئي آهي. (هاڻي ٻڌايو) اوهان جي ڪهڙي حاجت آهي؟ ان چيو: نفس جي بيماري ان (نفس) جو علاج ڪڏهن بڻجندي آهي؟ مون چيو: جڏهن تون نفس جي خواهش ۾ ان جي مخالفت ڪرين. تڏهن اهو پنهنجي نفس جي طرف متوجھ ٿي ڪري چوڻ لڳو: اي نفس! هاڻي ٻڌي ورتي! مون توکي ست ڀيرا هن ڳالھ جو جواب ڏنو پر تو انڪار ڪيو ۽ چيو: مان حضرت جنيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان ئي ٻڌندس (ته هاڻي تو ٻڌي ورتو؟) پاڻ رَحْمَةُ للهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ته اهو شخص هليو


 

 



[1] منہاج العابدین،صفحہ: 143ملتقطاً ۔