Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

آهي * هن ۾ نوافل به شامل آهن * تلاوت * ذڪر ۽ دُرود * مختلف سنّتون * عادتن جو سليقو * مختلف آدابَ وغيره گهڻو ڪجھ آهي. جيڪڏهن اسان هي نيڪ اعمال پاڻ تي ئي نافذ ڪري وٺون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  وڏي آساني سان نفسِ امّاره جو زور ٽوڙڻ، ان کي سڌارڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

میں نثار ایسا مسلماں  کیجے                                                                                                         توڑ  ڈالیں  نفس  کا  زُنّار  ہم[1]

(3): الله پاڪ کان مدد گهرندا رهو!

  تزڪيهءِ نفس جي لاءِ سڀ کان اهم ڳالھ جيڪا نهايت ضروري آهي اها هي آهي ته الله پاڪ کان دعا گهرڻ هرگز نه ويساريون ڇوته نفسِ امّاره نهايت سَرڪش دشمن آهي، شيطان جيڪو ڀٽڪجڻ کان پهريان تمام وڏو عالِم ۽ عبادت گذار هو ۽ نهايت چالاڪ ۽ مڪار به آهي، نفسِ امّاره کان اهو به مقابلو نه ڪري سگهيو، ان بدبخت کي به نفسِ امّاره ئي ڀٽڪائي ڪري هميشه جي لاءِ ڪافر ۽ نامراد ڪري ڇڏيو ته سوچيو! اسان نفسِ امّاره جو مقابلو ڪيئن ڪري سگنداسين. لهٰذا الله پاڪ جي مدد شاملِ حال هوندي تڏهن ئي نفسِ امّاره کان آزادي ملي سگهندي. الله پاڪ جي نبي حضرت يوسف عَلَيهِ السَّلَام جو خوبصورت فرمان قرآنِ ڪريم ۾ به موجود آهي پاڻ فرمايائون:

اِنَّ  النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ  اِلَّا مَا رَحِمَ  رَبِّیۡ ؕ      (سيپارو: 13، سورة يوسف: 53)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ نفس ته بُرائي جو وڏو حڪم ڏيندڙ آهي پر جنهن تي منهنجو ربّ رحم ڪري.

يعني نفسِ امّاره بُرائي جو گهڻو حڪم ڏيڻ وارو آهي، ان جي شرَ کان اهو ئي بچندو آهي جنهن تي الله پاڪ جو رحم ۽ فضل هوندو آهي.


 

 



[1] حدائق بخشش،صفحہ:84۔