Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

اسان نفس کي قابو ۾ رکون، ان جي مخالفت ڪندي عبادت ۾ مشغول ٿي وڃون * پنج نمازون باجماعت ادا ڪيون * ان سان گڏوگڏ نوافل به ادا ڪيون * تهجد به پڙهون * اشراق ۽ چاشت ۽ اوّابين جا نوافل به پڙهون * ذڪر ۽ دُرود به پڙهون * ڪثرت سان تلاوت به ڪيون * مطلب ته: جيترو ٿي سگهي بَس عبادت جي طرف دل لڳائي رکون، شروع ۾ ڪجھ مشڪل ٿيندي، پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آهسته آهسته نفس عادي ٿي ويندو ۽ عبادت ۾ لذت ملڻ شروع ٿي ويندي، پوءِ نفس پاڻ ئي عبادت جي طرف مائل رهندو.

بزرگن جي عبادت جو  انداز

   اسان جا اسلاف (يعني الله پاڪ جا نيڪ ٻانها جيڪي متقي هئا، پرهيزگار هئا) انهن کي بَس آخرت جو فڪر رهندو هو ۽ اهي هر وقت موت جي تياري ۾ ئي مصروف رهندا هئا * خواجه سِرّي سَقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 98 سال دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، نزع جي وقت کان علاوه ڪنهن به کين ڪڏهن ليٽيل نه ڏٺو، هميشه عبادت ڪندا هئا، * محمد جرير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ سال مڪي شريف ۾ رهيا، نه سُتا، نه چيلھ سِڌي ڪيائون، نه پيرَ ڊگهيڙيائون * اويس قرني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نمازِ فجر پڙهي ڪري ذڪرُ الله شروع ڪندا هئا، ظهر ٿي ويندي هئي، ظهر کان بعد وري ذڪرِ الهي ۾ مصروف ٿي ويندا هئا، ايستائين جو عصر ٿي ويندي هئي، عصر کان مغرب تائين، مغرب کان عشاء تائين، عشاء کان وري فجر تائين ويهي ڪري ذڪرالله ئي ڪندا رهندا هئا * حضرت ابوبڪر عياش رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روزانو 30 هزار ڀيرا سورة اخلاص پڙهندا، روزانو 500 نوافل پڙهندا، ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا ختمِ قرآن ڪندا هئا * امامِ اعظم، * امام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 40 سال عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪئي، هر رات 2 رڪعتن ۾ قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا.[1]


 

 



[1] جواہِرُ البیان، صفحہ:32- 33ملتقطاً ۔