Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ  جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                                  جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سرمو   پائڻ جون سنتون ۽ آداب

  فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : سڀني سُرمن مان بهتر سرمو اِثمد آهي ڇوته هي نگاھن کي روشن ڪندو ۽ پلڪون پيدا ڪندو آهي.[2]

 اي عاشقانِ رسول! پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجَل زينت جي نيّت سان (يعني خوبصورتي جي نيّت سان) مرد کي پائڻ مڪروھ آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي، سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنّت آهي * سرمو استعمال ڪرڻ جا 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرايون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ 2 (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان اکين ۾ لڳايو اهڙيءَ طرح ڪرڻ


 

 



[1] تاریخ مدینہ دمشق ،جلد:9،صفحہ:343۔  

[2] ابن ماجہ، کتاب الطب، باب الکحل بالاثمد، صفحہ:566، حدیث:3497۔