Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

هڪ دعاءِ مصطفٰي

   حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سورت الشّمس جون هي آيتون تلاوت ڪندا هئا:

وَ نَفۡسٍ وَّ مَا سَوّٰىہَا ۪ۙ(۷) فَاَلۡہَمَہَا فُجُوۡرَہَا وَ تَقۡوٰىہَا ۪ۙ(۸(سيپارو: 30، سورة شمس: 7_8)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جان جو ۽ ان جو جنهن ان کي درست بڻايو پوءِ ان جي نافرماني ۽ پرهيزگاري جي سمجھ ان جي دل ۾ وجهي ڇڏي.

 پوءِ دعا گهرندا هئا: اَللّٰهُمَّ آتِ نَفْسِي تَقْوَاهَا أَنْتَ وَلِيُّهَا وَمَوْلَاهَا وَخَيْرُ مَنْ زَكَّاهَا [1]  ترجمو: اي الله پاڪ! منهنجي نفس کي تقوٰي عطا فرماءِ، تون ئي ان جو مالڪ ۽ مولا، ۽ تون ئي ان کي بهتر پاڪيزگي عطا فرمائڻ وارو آهين.

نفس نے لذتوں میں پھنسایا                                                                                               مجھ پہ لطف و کرم ہو خُدایا!

دل سے چاہت مِٹا ما سِوا کی                                                                                                   میرے مولیٰ تو خیرات دیدے!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: علاقائي دورو

  پيارا اسلامي ڀائرو! دل جي ڪٽ دور ڪرڻ، گناھن کان توبھ ڪرڻ، ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته (Linkup) ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم علاقائي دورو به آهي. اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا!


 

 



[1] معجم کبیر ،جلد:5،صفحہ:283،حدیث:11028۔