Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

ويو ۽ مان ان کي سڃاڻي نه سگهيس.[1]

  هي آهي تزڪيهءِ نفس جو سڀني کان موثر طريقو...!! نفس جي خواهشن کان رڪجي وڃو. جيڪڏهن اسان هي ڪنداسين ته ڇا ملندو؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ وَ نَہَی النَّفۡسَ عَنِ  الۡہَوٰی (ۙ۴۰) فَاِنَّ  الۡجَنَّۃَ  ہِیَ الۡمَاۡوٰی (ؕ۴۱

(سيپارو: 30، سورة نازعات: 40_ 41)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ رهيو اهو جيڪو پنهنجي ربّ جي حضور بيهڻ کان ڊنو ۽ نفس کي خواهشن کان روڪيو ته جنّت ئي ان جو ٺڪاڻو آهي.

 هي 2 ڳالهيون آهن: (1): ٻانهو الله پاڪ جي حضور حاضر ٿيڻ کان ڊڄندو آهي، اهو خوف ان کي دل ئي دل ۾ تڙپائيندو رهندو آهي ته هاءِ! هن ڏينهن مرڻو آهي، اونداهي قبر ۾ لهڻو آهي، پوءِ قيامت جي ڏينهن اٿڻو به آهي، هاءِ! ميدانِ محشر... اها ٽامي جي ٽهڪندڙ زمين... باھ وَسائيندڙ سج.... قهر سامهون هوندو، اعمال نامه کُلي رهيا هوندا، ان حالت ۾ الله پاڪ جي حضور حاضري ٿيندي، منهنجي زندگي جو هڪ هڪ عمل سامهون هوندو، ان وقت منهنجو ڇا ٿيندو؟ اهو خوف تڙپائي رهيو آهي (2): ۽ ٻي ڳالھ: ماڻهو پنهنجي نفس کي خواهشن کان روڪيندو رهي. هي ٻه ڪم ڪنداسين ته ڇا ملندو؟ الله پاڪ فرمايو:

فَاِنَّ  الۡجَنَّۃَ  ہِیَ الۡمَاۡوٰی (ؕ۴۱(سيپارو: 30، سورة نازعات: 41)

ترجموڪنزالعرفان: ته جنّت ئي ان جو ٺڪاڻو آهي.

   جنّت ملندي. واھ...!! ڪيڏي زبردست فضيلت آهي...!! اسان کي ڪجھ هزار روپيا ڪمائڻا هجن ته سڄو ڏينهن محنت ڪندا آهيون، ڪم، ڪم، بَس ڪم


 

 



[1] لباب الاحیاء، صفحہ:217۔