Kamyabi Ka Asal Miyar

Book Name:Kamyabi Ka Asal Miyar

* روزو رکڻ سان صحت ملندي آهي.[1] * جيڪڏهن روزيدار لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ يا سُبحٰنَ اللہِ يا اَللہُ اَکبَرُ پڙهندو آهي ته 70 هزار ملائڪ سج لهڻ تائين ان جو ثواب لکندا رهندا آهن.[2]

 سُبحٰنَ اللہِ! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! روزو رکڻ جون ڪهڙيون برڪتون آهن؟ مسمانن جي هڪ تعداد آهي جيڪي رمضانُ المبارڪ جا روزا ناهن رکندا، ڪو موسم جو بهانو بڻائيندو آهي ته گرمي گهڻي آهي، ان ڪري روزا نه ٿا رکجي سگهن، ڪنهن کي ڪمائڻ جو فڪر آهي، ڪو چوندو آهي: حلال رزق به ته عبادت آهي، روزو رکنداسين ته ڪم نه ٿي سگهندو، ڪم نه ٿيندو ته ڪٿان کائينداسين؟ وغيره وغيره. اڄ دل کي تسلي ڏيڻ جي لاءِ شايد هي بهانا ڪم اچي وڃن پر قيامت جي ڏينهن ڇا بڻبو؟ قيامت جي ڏينهن حشر جي ميدان ۾ ڪيتري گرمي هوندي! سج سوا ميل تي باھ وَسائي رهيو هوندو، ٽامي (Copper) جي ٽهڪندڙ زمين هوندي، دماغ اٻري رهيا هوندا، پگهر وهي رهيو هوندو، ڪنهن جي گوڏن تائين پگهر هوندو، ڪنهن جي چيلھ تائين پگهر هوندو، ڪو سيني تائين پنهنجي ئي پگهر ۾ ٻُڏل هوندو ۽ ڪو پنهنجي ئي پگهر ۾ غوطا کائي رهيو هوندو، ان شديد گرمي ۾ روزيدارن جا اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مزا ئي مزا هوندا.

تراویح اور نمازوں میں کمی ہو گی نہ روزوں میں                    کرو مل کر یہ نیّت ماہِ رمضان آنے والا ہے

نبی کے عشق میں روؤں، مدینے کے لئے تڑپوں     خُدا دے سوز و رِقَّت ماہِ رمضان آنے والا ہے

رہوں قائِم میں توبہ پر، خُدایا فضل ایسا کر                                               گُنَاہوں سے دے نفرت ماہِ رمضان آنے والا ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] معجم اوسط،جلد:6،صفحہ:147 ،حدیث:8312۔

[2] شعب الایمان، باب فى الصيام ، جلد:3،صفحہ:299،حدیث:3591۔