Book Name:Iman ki Hifazat

نَزْع کے وقت مجھے جلوۂ محبوب دکھا                                                                                حشر تک کیسے میں پھر تنہا رہوں گا یا ربّ!

تیرا کیا جائے گا میں شاد مروں گا یا رَبّ !

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

                 پياراپيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته جنهن بدنصيب جو موت (Death) ايمان جي حالت ۾ نه ٿيو ته ان کي جهنم ۾ هميشه هميشه جي لاءِ طرح طرح جي عذابن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جيڪو خوش نصيب ايمان جي سلامتي سان هن دنيا مان رُخصت ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته هو جهنم جي هولناڪ عذابن کان بچي سگھي ٿو۔ هاڻي اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪريون ته اسان ڏينهن رات الله پاڪ جي ڪيتري عبادت ڪريون ٿا؟ ان جي احڪامن جي ڪيتري قدر ادائيگي ڪريون ٿا؟ ايمان جي حفاظت جي لاءِ اسان ڪهڙي ڪوشش ڪري رهيا آهيون؟ ظاهري ۽ باطني گناهن کان بچڻ جي لاءِ ڪهڙا طريقا اپڻايا آهن؟ ڇا اسان کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ شيطان جي حيلن کان بچڻ جي ضرورت ناهي؟ ڇا اسان کي جهنم جا عذاب ٻڌي انهن کان عبرت حاصل ناهي ٿيندي؟ ڇا اسان ۾ جهنم جي باھ ۽ ان جي هولناڪ عذاب کي برداشت ڪرڻ جي سگھ آهي ؟ هرگز هرگز نه، اسان جي ڪمزور جسمن ۾ اهي سخت عذاب سهڻ جي همت ناهي، تنهنڪري گناهن تي نادم ٿي هڪدم توبه ڪرڻ گھرجي ڇوته هر گناھ جهنَّم جو قاصد آهي يعني جهنّم ڏانهن کڻي وڃڻ وارو آهي، ياد رکو! گناھ صغيره يعني ننڍي گناھ تي به جهنّم جو اِستحقاق آهي۔ روئي روئي پنهنجي گناهن جي معافي گھرو ۽ آئنده گناهن کان پري رهڻ جي ڀرپور ڪوشش به ڪريو، پاڻ به نيڪ عملن ۾ مشغول رهو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ نيڪ ماڻهن جي صحبت اپڻايو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت ۾ گھڻيون ڪاميابيون نصيب ٿينديون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد