Book Name:Iman ki Hifazat

۽ ان جهنڊي کي ڪعبهءِ معظمه تي ڦڙڪائيندا آهن۔ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جا سؤ پر آهن جن مان ٻه پر صرف انهيءَ رات کوليندا آهن اهي پَرَ اوڀر ۽ اولهه ۾ ڦهلجي ويندا آهن پوءِ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرشتن کي حڪم ڏيندو آهن ته جيڪو به ڪو مسلمان اڄ رات قيام، نماز يا ذڪرالله عَزَّوَجَلَّ ۾ مشغول آهي ان سان سلام ۽ مصافحو ڪريو، ۽ پڻ ان جي دعائن تي آمين به چئو۔ اهڙيءَ ريت صبح تائين اهو ئي سلسلو رهندو آهي۔ صبح ٿيڻ تي حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرشتن کي واپسيءَ جو حڪم صادر فرمائيندا آهن۔ فرشتا عرض ڪندا آهن اي جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام الله عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي امت جي حاجتن جي باري ۾ ڇا ڪيو؟ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرمائيندا آهن، الله عَزَّوَجَلَّ انهن ماڻهن تي خصوصي ڪرم جي نظر فرمائي ۽ چئن قسمن جي ماڻهن کان سواءِ سڀني ماڻهن کي معاف فرمائي ڇڏيو۔ صحابهءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو،”يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي چئن قسمن جا ماڻهو ڪهڙا آهن؟ ارشاد فرمايائون (1) شراب جو عادي (2) ماءُ پيءُ جو نافرمان (3) قطعِ رِحمي ڪرڻ وارا۔ (يعني رشتيدارن کان تعلقات ٽوڙڻ وارا) ۽ (4)  پاڻ ۾ بغض ۽ ڪِينو رکڻ وارا ۔“ ( شعَبُ الْايمان ، ۳/۳۳۶، حديث:۳۶۹۵)

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  ٻڌو اوهان ته شراب نوشي ڪرڻ وارا، والدين جي نافرماني ڪرڻ وارا، رشتيدارن سان قطع تعلقي ڪرڻ وارا ۽ پاڻ ۾ بغض ۽ ڪينو رکڻ وارا شبِ قدر جي برڪتن سان محروم رهندا آهن۔ غور ڪريو ته بيان ڪيل بُرائين مان ڪا برائي اسان ۾ ته موجود ناهي، ڇا اسان پنهنجي والدين جي دل ته نٿا ڏکايون؟، يا ڪنهن رشتيدار مثال طور ڀاءُ، ڀيڻ،چاچي، ماسڙ، مامي وغيره سان بلا وجه شرعي اڻبڻت ته ناهي؟ ڇا اسان جي سيني ۾ ڪنهن مسلمان جي لاءِ بغض ۽ ڪينو ته ناهي ڀريل؟ خدانخواسته جيڪڏهن ڪو هنن گُناهن ۾ گرفتار آهي ته ساھ بعد ۾ کڻي پهريان هنن گناهن کان پڪي توبه ڪري ۽ جنهن جنهن جا حق ضايع ڪيا آهن انهن کان معافي گھرڻ