Book Name:Iman ki Hifazat

قرآنِ پاڪ ۾ موجود آهي، جيئن سيپارو 4 سوره آٰلِ عمران آيت نمبر 102 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ حَقَّ تُقٰتِہٖ وَ لَا تَمُوۡتُنَّ  اِلَّا وَ اَنۡتُمۡ  مُّسۡلِمُوۡنَ (۱۰۲)

(پ۴،اٰل عمران :۱۰۲)

تَرجموڪنز الايمان: اي اِيمان وارؤ! الله کان ڊِڄو جيئن اُن کان ڊِڄڻ جو حق آھي ۽ اوھان مُسلمان ٿِي ئِي مَرو

بيان ڪيل آيت جي آخري حصي ۾ فرمايو ويو آهي ته اسلام تي ئي توهان کي موت اچي۔ هن مان مراد هي آهي ته پنهنجي طرفان زندگي جي هر گھڙي ۾ اسلام تي ئي رهڻ جي ڪوشش ڪريو ته جيئن جڏهن توهان کي موت اچي ته اسلام جي حالت تي ئي اچي۔ (صراط ُالجنان،۲/۲۰) 

حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيتِ مبارڪه جي تحت فرمائن ٿا: هن مان معلوم ٿيو ته اسلام تي خاتمي ٿيڻ جو اعتبار آهي جيڪڏهن سڄي عمر مومن رهي، مرڻ وقت ڪافر ٿي وڃي ته اهو اصلي ڪافر وانگر آهي.

 اها ڳالھ به ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته جن جو خاتمو ايمان تي ناهي ٿيندو يعني مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ جيڪي ماڻهو ڪفر جي حالت ۾ هن دنيا مان ويندا، بروزِ قيامت انهن کي سخت تڪليفن ۽ عذابن کي منهن ڏيڻو پوندو، اهڙا ماڻهو دنيا ۾ الله پاڪ ۽ ان جي ملائڪن جي لعنت جا حقدار هوندا آهن ۽ آخرت ۾ اهڙن ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم (Hell) هوندو، جيئن سيپارو 2 سُوْرَۃُ الْبَقَرَه جي آيت نمبر 161 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا وَ مَاتُوۡا وَ ہُمۡ کُفَّارٌ اُولٰٓئِکَ عَلَیۡہِمۡ لَعۡنَۃُ اللّٰہِ وَ الۡمَلٰٓئِکَۃِ وَ النَّاسِ اَجۡمَعِیۡنَ (۱۶۱

  (پ ۲،البقرۃ،آيت:۱۶۱)

تَرجموڪنز الايمان: بيشڪ اُهي جن ڪُفر ڪيو ۽ ڪافِر ٿِي مُئا، اُنهن تي لعنت آھي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙنِي ماڻُھن جِي