Book Name:Iman ki Hifazat

مسلم لکرائيندا آهن ۽ پاڻ کي جهنم جي گهري کڏ ۾ اُڇلائيندا آهن۔

شيخِ طريقت،اميراهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي ڪتاب ”ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب“ ۾ اهڙن ماڻهن بابت حڪم بيان ڪندي لکن ٿا: (ائين ڪرڻ) ڪفر آهي۔ ڪي ماڻهو جيڪي قرض لاهڻ ۽ تنگدستي کان بچڻ يا دولت جي زيادتي جي لاءِ ڪافرن وٽ نوڪري خاطِر يا ويزا فارم تي يا ڪنهن طرح رقم وغيره جي بچت جي لاءِ درخواست تي پاڻ کي ڪنهن به ڪافِر و مُرتد گُروھ جو ”فرد“ لکندا يا لکرائيندا آهن انهن تي حڪمِ ڪفر آهي۔

(ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب،ص۴۵۳)

 

یا  اِلٰہی کر ایسی عنایت                                                                                                                         دیدے ایمان پر اِستقامت

تجھ سے عطارؔ کی اِلتجاء ہے                                                                                                    یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  دِينِ اسلام نهايت ئي مُعزز ۽ مڪرم مذهب آهي، جن تي الله پاڪ جو فضل ۽ ڪرم ٿيندو آهي انهن کي دنيا ۾ ايمان جي دولت نصيب ٿي ويندي آهي ۽ ايمان تي ثابت قدم رهڻ وارا خوش نصيب ٻنهي جھانن ۾ سعادت مند ٿيندا آهن۔ تنهنڪري هن نعمت جي حفاظت ڪرڻ، ان جي قدر و منزلت کي سمجھندي ان تي استقامت سان قائم رهڻ هر مسلمان تي لازمي ۽ ضروري آهي ڇوته هڪ مسلمان جي لاءِ دنيا مان رخصت ٿيڻ مهل ايمان تي ثابت قدم رهڻ وڏي اهميت جي ڳالھ آهي، جيڪڏهن ايمان جي حالت تي خاتمو ٿيو ته قبر ۽ آخرت جون تمام منزلون آٓسان ٿينديون، ايمان تي مرڻ ئي آٓخرت ۾ نجات جو سبب (Cause) بڻجي ويندو آهي، دنيا ۾ چاهي جيترا به نيڪ عمل ڪيا وڃن پر خاتمو ايمان تي نه ٿيو ته ڪو فائدو نه ٿيندو، حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالْخَوَاتِيمِ يعني عملن جو دار و مدار خاتمي تي آهي۔

(بخاري، ڪتاب القدر،۴/۲۷۴ حديث:۶۶۰۷)