Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

ڪيو، پوءِ الله پاڪ فرمايو: هاڻي هيئن چئو!

سُبْحٰنَکَ اللّٰہُمَّ وَبِحَمْدِکَ اَشْہَدُ اَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّا اَنْتَ اَسْتَغْفِرُکَ وَ اَتُوْبُ اِلَیْک

ملائڪن ايئن ئي چيو. جڏهن سڀ ڪجھ ڪري چڪا ته ملائڪن عرض ڪيو: اي ربُّ العالمين! هي جيڪو اسان ڪيو هي ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمايو: اي ملائڪو! جيڪو به صاحب ايمان هي ڪندو جيئن توهان ڪيو، مان ان کي پنهنجي مغفرت ۽ رضا سان نوازي ڇڏيندس، جڏهن هُو هٿ ڌوئيندو ته ان جي هٿن جا، گرڙي ڪري ته وات جي اندر جا، نڪ ۾ پاڻي وجهي ته نڪ جا، چهرو ڌوئي ته چهري جا، پير ڌوئي ته پيرن جا گناھ ڇڻي ويندا آهن جيتوڻيڪ زمين کان آسمان تائين ڇو نه هجن ۽ جڏهن هو مٿي جو مسح ڪندو آهي ته منهنجي رحمت ان کي ڍڪي وٺندي آهي. ملائڪن عرض ڪيو: اي الله پاڪ! ڇا هي اسان جي لاءِ خاص آهي؟ فرمايو: هي توهان جي لاءِ به آهي ۽ هو جنهن کي مان خليفو ٺاهيندس(يعني حضرت آدم عليه السلام) ۽ ان جي اولاد جي لاءِ به اهائي فضيلت آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ!پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جون ڪهڙيون ڪرم نوازيون آهن. ڪاش! اسان کي گناهن جي معافي، مغفرت ۽ بخشش ۽ الله پاڪ جي رضا جي دولت نصيب ٿي وڃي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

تُو بس رہنا سدا راضی نہیں ہے تابِ ناراضی       تُو نا خوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ!

عطا کر عافیت تُو نَزْع و قَبْر وحَشْر میں یاربّ            وسیلہ فاطِمہ زَہرا کا کر لطف و کرم مولیٰ!([2])


 

 



[1] سلوۃ العارفین،باب فضیلۃ الوضوء، صفحہ:  170ملتقطًا۔

[2]...وسائلِ بخشش ، صفحہ: 98ملتقطًا۔