Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

(ملائڪن هيءَ ڳالھ بطور اعتراض نه چئي هئي، اها محض حڪمت ڄاڻڻ جي لاءِ هئي ته مولٰي! اسان تنهنجي پاڪي بيان ڪيون ٿا، تنهنجي حمد ۽ ثناء ڪيون ٿا، اسان کي ئي خليفو مقرر ڪيو وڃي، انسان کي خليفو بڻائڻ ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟) ان تي الله پاڪ فرمايو:

اِنِّیۡۤ اَعۡلَمُ مَا لَا تَعۡلَمُوۡنَ (۳۰)  (پارہ:1،سورۂ بقرہ:30)

ترجمو ڪنزالعرفان: آءُ اهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان نه ٿا ڄاڻو.

ربّ ڪائنات جو هي جواب ٻڌي ملائڪن کي خوف ٿيو، انهن کي لڳو ته اسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڏي جرائت ڪئي آهي، تنهنڪري هي خوف خدا جي سبب عرشِ الٰهي جو طواف ڪرڻ لڳا. اُن تي الله پاڪ فرمايو: اي ملائڪو! ڇا توهان منهنجي مغفرت ۽ رضا چاهيو ٿا؟ عرض ڪيائون! اسان کي تنهنجي مغفرت ۽ رضا ملڻ کان وڌيڪ ڪنهن شيءِ جو شوق ناهي. اُن تي الله پاڪ فرمايو: عرش جي هيٺان هڪ نهر آهي، جنهن کي نهۡرُالۡحيوان چيو وڃي ٿو، اُتي هليا وڃو! ملائڪ اتي پهتا. الله پاڪ فرمايو: ڪارائين تائين هٿ ڌوئو! ملائڪن هٿ ڌوتا! الله پاڪ فرمايو: تَمَضْمَضُوا ثَلَاثًا ٽي ڀيرا گرڙي ڪيو!ملائڪن ٽي ڀيرا گرڙي ڪئي، الله پاڪ فرمايو: اِسْتَنْشِقُوْا ثَلَاثًا ٽي ڀيرا نڪ ۾ پاڻي وجهو! ملائڪن ايئن ئي ڪيو. پوءِ فرمايو: چهرو ڌوئو! ملائڪن چهرو ڌوتو. هاڻي حڪم ٿيو: ٺوٺين سميت هٿ ڌوئو. ملائڪن بازو به ڌوتا. پوءِ حڪم ٿيو: مٿي جو مسح ڪيو! مٿي جو مسح به ڪيو ويو. آخر ۾ حڪم ٿيو: هاڻي پنهنجا پير به ڌوئو! ملائڪن پير به ڌوتا.

   (هي تمام عضوا ملائڪن جا به آهن پر ڪيئن آهن، هي الله پاڪ ئي بهتر ڄاڻي ٿو) بهرحال! جيئن جيئن الله پاڪ جو حڪم ٿيو، ملائڪن ايئن ايئن