Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
آهي مثلاً باوضُو رهڻ جي برڪت سان بلڊ پريشر تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. وضو ۾ هٿ ڌوئڻ جي برڪت سان (1) هٿن ۾ گرمي داڻن (2) جلدي سوزش (3) ايگزيما وغيره بيمارين کان حفاظت ممڪن آهي. وضو ۾ گرڙي ۽ مسواڪ ڪرڻ جي برڪت سان، (1) ايڊز جهڙي تڪليف ده بيماري (2) وات جي ڪنارن جو ڦاٽڻ (3) معدي جا امراض (4) بلغمي امراض کان حفاظت ٿيندي آهي ۽ غرغري جي برڪت سان گلي جي مرضن کان ڪافي حد تائين بچاءُ رهندو آهي، انهيءَ طرح نڪ ۾ پاڻي چاڙهڻ جي برڪت سان. نڪ جا بيشمار پوشيدا مرض. دائمي نزلو، نڪ جي زخم وغيره کان حفاظت ٿي سگهي ٿي. وضو ۾ چهرو ڌوئڻ جي برڪت سان الرجي سان چهري جي حفاظت ٿيندي آهي، هن جو مساج ٿي ويندو آهي، رت جو وهڪرو چهري جي طرف ٿي ويندو آهي، ميل ڪچيل به لهي ويندي آهي ۽ چهري جو حسن ٻهڪي پوندو آهي. ٺوٺين تي ٽي وڏيون رڳون آهن جن جو تعلق دل، جگر ۽ دماغ سان آهي ۽ جسم جو هي حصو عموماً ڍڪيل رهندو آهي جيڪڏهن هن کي پاڻي ۽ هوا نه لڳي ته متعدد دماغي ۽ اعصابي مرض پيدا ٿي سگهن ٿا. وضو ۾ ٺوٺين سميت هٿ ڌوئڻ سان دل، جگر ۽ دماغ کي تقويت پهچندي آهي. مٿي ۽ گردن جي وچ ۾ حبۡل الۡوريد يعني ساھ واري رڳ آهي ان جو تعلق ڪرنگهي واري هڏي ۽ حرام مغز ۽ جسم جي تمام تر جوڙڻ سان آهي. جڏهن وضو ڪرڻ وارو ڪنڌ جو مسح ڪندو آهي ته هٿن جي ذريعي برقي شعاع نڪري ساھ جي رڳ ۾ ذخيرو ٿي ويندي آهي ۽ ريڙھ جي هڏي کان ٿيندي جسم جي تمام اعصابي نظام کي توانائي حاصل ٿيندي