Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

حاصل ڪرڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ وضو ڪيان ٿو. ياد رکو! نيت ڪرڻ کان سواءِ به جيتوڻيڪ وضو ٿي ويندو پر ثواب نه ملندو. اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: وضو جي لاءِ نيت ڪرڻ سنت موڪده آهي، لهٰذا نيت نه ڪرڻ جي عادت بڻائي ورتي ته گناھ ٿيندو.[1]

جنھن بسم اللھ چئي ڪري وضو ڪيو ان جو مٿي کان پيرن تائين سڄو جسم پاڪ ٿي ويو ۽ جنهن بغير بسم الله چوڻ جي وضو ڪيو ان جو اوترو ئي بدن پاڪ ٿيندو جيتري تي پاڻي وهيو.[2]

هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن توهان وضو ڪيو ته بِسْمِ اللہ وَ الْحَمْدُ لِلّٰہ  چئي ڇڏيندا ڪيو جيستائين توهان جو وضو باقي رهندو ان وقت تائين توهان جا ملائڪ (يعني ڪراماً ڪاتبين) توهان جي لاءِ نيڪيون لکندا رهندا.[3]

لهٰذا جڏهن به وضو ڪيو،  شروع ۾ بِسْمِ اللہ وَ الْحَمْدُ لِلّٰہ  پڙهڻ هرگز نه وساريو. وضو کان بعد جون دعائون به ياد ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  ان جو به ثواب ملندو.

    حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن چڱي طرح وضو ڪيو ۽ پوءِ آسمان جي طرف نگاھ کنئي ۽ ڪلمو شهادت پڙهيو ان جي لاءِ جنت جا اٺئي دروازا  کوليا ويندا آهن جنهن مان چاهي اندر داخل ٿي.[4]  هڪ حديثِ پاڪ آهي:  جيڪو وضو کان بعد هڪ ڀيرو سُورةُ القدر پڙهي ته اهو صدّيقين مان آهي ۽ جيڪو 2 ڀيرا پڙهي ته شهيدن ۾ شمار ڪيو ويندو ۽ جيڪو 3 ڀيرا پڙهندو ته الله پاڪ ميدانِ محشر


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ، جلد: 1، صفحہ: 914، بتغیر قلیل

[2] سنن دارقطنی ، کتاب الطہارۃ، باب التسمیۃ علی الوضوء، جلد: 1، صفحہ: 52، حدیث: 229۔

[3] معجم صغیر،صفحہ:168، حدیث: 196

[4] دارمی ، کتاب الوضوء، باب القول بعد الوضوء،  صفحہ:208، حدیث: