Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
۾ ان کي پنهنجي نبين سان گڏ رکندو.[1]
ڪؤنري وغيره مان وضو ڪرڻ کان بعد بچيل پاڻي بيهي پيئڻ ۾ شفا آهي.[2] هڪ حديث شريف ۾ روايت ڪيو ويو آهي ته مؤمن جي وضو جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شفا آهي ۽ انهن بيمارين جو گهٽ ۾ گهٽ درجو غم آهي.[3]
حجة الاسلام امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مومن ٻانهي کي گهرجي ته جڏهن چهرو ڌوئي ته نيت ڪري ته دنيا کان منهن ڦيري ڪري هميشه ربّ ڪريم جي طرف متوجھ ٿيندس.[4] جڏهن هٿ ڌوئي ته نيت ڪري ته گناهن کان بچندس ته جيئن اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ملي. مٿي جو مسح ڪري ته نيت ڪري ته هميشه عاجزي سان مٿو جهڪائي رکندس، ڪڏهن تڪبر نه ڪندس جو آخرت خاص انهن جي لاءِ آهي، جيڪي وڏائي نٿا چاهين انهي طرح جڏهن پير ڌوئي ته نيت ڪري ته ڪڏهن گناھ جي طرف نه هلندس ۽ ان ڏينهن کي ياد ڪري جو جڏهن انهن کي قدمن تي هلي ڪري الله ڪريم جي حضور پيش ٿيڻو آهي. ايئن ئي پلصراط تي هلڻ به ياد ڪري.[5] وضو ڪري چڪا، هاڻي جيڪڏهن مڪروھ وقت ناهي ته 2 رڪعت تحية الوضوء جا ٻه نفل پڙهي وٺو ڇوته حديث پاڪ ۾ آهي: نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اهڙو مسلمان ناهي جيڪو وضو ڪري ته چڱي طرح ڪري پوءِ بيهي ڪري خشوع ۽ خضوع سان 2 نفل پڙهي ته ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي.[6] مشهور مفسر، حڪيم الامت، مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث شريف جي حوالي سان لکن
[1] … کنز العمال، کتاب الطہارۃ، الفصل الثانی فی آداب الوضوء،جز:9 ،جلد:5، صفحہ:132، حدیث:26085۔
[2] … جتنی زیور،صفحہ:216ماخوذًا۔
[3] … مسند فردوس، جلد:2،صفحہ:362،حدیث:3617۔
[4] … احیاء علوم الدین، کتاب اسرار الطہارۃ،کیفیۃ الوضوء،جلد:1 ،صفحہ:179
[5] … سلوۃ العارفین،باب الطہارۃ ،صفحہ:165
[6] … مسلم، کتاب الطہارۃ، باب الذکر المستحب عقب الوضوء، صفحہ:109، حدیث:234۔