Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
جون والده بڻجڻ واريون آهيو، ان جي ولادت جي وقت نور روشن ٿيندو جنهن سان بصره ۽ شام جون ماڙيون چمڪي وينديون، جڏهن ولادت ٿي ته ان جو نالو مُحَمّد رکجو.[1] هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها کي خواب ۾ چيو ويو: عنقريب اوهان وٽ پٽ پيدا ٿيندو، ان جو نالو اَحۡمد رکجو! اهي تمام جهانن جا سردار آهن. [2]
مُحدث ابو نعيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي روايت آهي: ولادت جو وقت آيو ته الله پاڪ ملائڪن کي حڪم ڏنو ته جنت ۽ تمام آسمانن جي دروازن کي کولي ڇڏيو، ان ڏينهن سج عظيم نور سان معمور ٿي ويو، ۽ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عزّت افزائي ۾ هن سال تمام عورتن کي پٽ ئي پيدا ٿيا. [3]
حضرت ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ روايت ڪن ٿا: سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمايو: خواب ۾ ڪنهن چوڻ واري چيو: اي آمنه! اوهان خَیْرُ الْعَالَمِیْن (تمام جهانن جي بهتر) جون والده بڻجڻ واريون آهيو، جڏهن ولادت ٿي ته ان جو نالو مُحَمّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) رکجو ۽ پنهنجو معاملو لڪائي رکجو.[4]
وڌيڪ فرمائن ٿيون: جڏهن ولادت جو وقت آيو ته مان گهر ۾ اڪيلي هيس، حضرت عبدالمطلب رَضِىَ اللهُ عَنْهُ طواف ڪرڻ ويل هئا، هي سومر جو ڏينهن هيو، مون دل ڏڪائيندڙ آواز ٻڌو، پوءِ مون کي ائين محسوس ٿيو ته هڪ پکي اڇي پَرن سان مَس (touch)ڪيو، ان سان منهنجو خوف ويندو رهيو، پوءِ اڇي رنگ جو شربت آندو ويو، شايد هي کير هيو، مونکي اُڃ لڳي، مون شربت پيتو ته مون مان بلند نور روشن ٿي ويو، پوءِ ڊگهي قد جي عورتن مون کي گهيري ورتو، مان سمجهيس ته عبد مناف جون عورتن آهن، هاڻي مان عجب ۾ پئجي
[1] سبل الہدى، جماع ابواب مولد...الخ، الباب الثانى فى حمل آمنۃ...الخ، جلد: 1، صفحہ:328 ملتقطًا
[2] فتاویٰ رضویہ،جلد:30، صفحہ:259 بتغیر قلیل۔
[3] مواهب اللدنیۃ، المقصد الاول...الخ، آيات ولادتہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ، جلد:1، صفحہ:65۔
[4] مواهب اللدنیۃ، المقصد الاول...الخ، آيات ولادتہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ،جلد:1، صفحہ:65۔