Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
ويس ته انهن کي منهنجي باري ۾ ڪيئن علم ٿيو، انهن مان هڪ چيو: مان آسيه آهيان، ٻي چيو: مان مريم بنت عمران آهيان ۽ باقي عورتن جي طرف اشارو ڪري ٻڌايو: هي حورعين آهن.
منهنجي حالت خراب ٿي رهي هئي، عجيب آواز مون کي باربار خوف زده ڪري رهيا هئا، ايتري ۾ ڏٺم ته: زمين کان آسمان تائين اڇي رنگ جو ريشمي ڪپڙو لٽڪايو ويو آهي ۽ ڪجھ ماڻهو چاندي جا ٿانوَ کڻي هوا ۾ بيٺا آهن. مون کي پگهر اچي رهيو هيو جنهن جا ڦڙا موتين جهڙا ۽ خوشبو مشڪ جهڙي هئي، مان چئي رهي هيس: ڪاش عبدالمطلب رَضِىَ اللهُ عَنْها تشريف کڻي اچن. پوءِ اچانڪ پکين جو هڪ ميڙ جن جون چهنبون زمرد جون ۽ پَر ياقوت جا هئا. منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيا. ان وقت الله پاڪ منهنجي اکين تان پردا هٽائي ڇڏيا، مون کي زمين جا اوڀر ۽ اولھ ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، مون ڏٺو ته ٽي جهنڊا نصب ڪيا ويا هڪ اوڀر ۾، ٻيو اولهه ۾، ٽيون ڪعبي جي ڇت تي لڳايو ويو ـ
جبریل امین نے گاڑا کعبے کی چھت پہ جھنڈا
تا عرش اُڑا پھریرا، صبحِ شبِ وِلادت
هاڻي ولادت جو وقت آيو، عورتن مون کي گهيري ورتو ۽ ٿوري دير جي لاءِ مون کي ڪجھ نظر نه آيو.
جس سہانی گھڑی چمکا طیبہ کا چاند
اس دل افروز ساعت پہ لاکھوں سلام([1])
محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي، پاڻ شهادت واريون آڱريون آسمان جي طرف کڻي سجدي جي حالت ۾ هئا.[2] حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا