Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

کان روايت آهي، حضرت سيدتنا آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون ته، ولادتِ مصطفٰي جي وقت اهڙو نور چمڪيو جو مشرق ۽ مغرب روشن ٿي ويا ۽ مان مڪي کان شام جي محلات واضح طور تي ڏسي ورتا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڪ و صاف پيدا ٿيا. [1]

مسلمانو! صبحِ بہاراں مبارک                                                                                                                                                                                          وہ برساتے انوار سرکار آئے

مبارک تجھے آمِنہ ہو مبارک                                                                                                                                                                                             تِرے گھر شہنشاہِ ابرار آئے

جہاں میں وہ سکہ بٹھانے کو دیں کا                                                                                                                                                               مٹانے وہ باطِل کے آثار آئے

 حضرت سيدتنا آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: پوءِ آسمان مان هڪ ڪڪر لهي آيو جنهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڍڪي ڇڏيو ۽ مون کان غائب ڪري ڇڏيو، ڪو چوڻ وارو چئي رهيو هيو:  محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اولھ ۽ اوڀر جي سير ڪرايو! انهن کي سمنڊن ۾ وٺي وڃو! ته جيئن تمام مخلوق سندن نالو، حليو ۽ اوصاف ڄاڻي، سڀني کي معلوم ٿي وڃي ته هي ماحي (مٽائڻ وارو) آهي جيڪو شرڪ کي مٽائي ڇڏيندو. پوءِ جلد ئي اهو ڪڪر ڦاٽي پيو.

خطيب بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي روايت ۾ آهي، پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: پوءِ مون ڏٺو ته پاڻ ريشم جي سائي ڪپڙي ۾ ويڙهيل آهن ۽ ان مان پاڻي ٽمي رهيو آهي، ڪو اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪري رهيو هيو: واھ واھ ڇا ته خوب...!! محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تمام دنيا تي قبضو عطا ڪيو ويو، ڪائنات جي ڪا شيءِ ناهي جيڪا سندن قبضي هيٺ ۽ غلبي ۽ اطاعت ۾ نه هجي. هاڻي مون مبارڪ چهرو ڏٺو جيڪو چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيو هيو ۽ بدن مبارڪ مان پاڪيزه خوشبو اچي رهي هئي پوءِ ٽي شخص نظر آيا، (1) هڪ جي هٿ ۾ چاندي جو ڪؤنرو (2) ٻي جي هٿ ۾ سائي زمرد جو ٿالھ (3) ۽ ٽين جي


 

 



[1] مواهب اللدنية، المقصد الاول...الخ، آيات ولادتہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ،جلد: 1، صفحہ:68 بتغیر قلیل